English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ ڪرپشن خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو، سراج الحق جي خاص شرڪت
221 views
|
30th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
پيپلز پارٽي سنڌ کي ڌاڙيل راڄ بڻائي ڇڏيو آهي، ماڻهو گهرن مان نڪرڻ کان ڊڄن ٿا: سراج الحق
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته پيپلزپارٽي گذريل 15 سالن کان لاڳيتو سنڌ جي عوام جو استحصال ڪيو آهي اڄ ڪنهن به شهري جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ڪونه آهي، ڪشمور سميت سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي رحم تي ڇڏيو ويو، ڳري بجيٽ سڪيورٽي تي خرچ ڪرڻ، لاتعداد ايجنسيون رکڻ باوجود عوام عدم تحفظ جو شڪار ۽ سنڌ مٿان عملي طور تي ڌاڙيل راڄ مان لڳي ٿو ته هتان جي پوليس، سولين انتظاميه ۽ حڪمران ڌاڙيلن سان ڳٺ جوڙ ڪري ورتو آهي، جيڪڏهن ڪشمور سميت سنڌ ۾ امن قائم نه ٿيو ته غريب ۽ مظلوم عوام جا هٿ حڪمرانن جي ڳچيءَ ۾ هوندا، ڌاڙيل راڄ خلاف سنڌ جو عوام هاڻي اُٿي کڙو ٿي ۽ ڀُنگ عيوض معصوم ٻارن، عورتن ۽ جوانن کي اغوا ڪندڙن کي گهنٽه گهر چوڪ تي سرِعام ڦاهي ڏني وڃي. پي ڊي ايم حڪومت عوام کي آءِ ايم ايف جو غلام بڻائي ڇڏيو، بجلي جا بل اڄ خلق لاءِ موت جو پروانو بڻجي چڪا آهن، 02 سيپٽمبر تي جماعت اسلامي بجلي جي ظالماڻين بلز خلاف ملڪ گير عام هڙتاڪ ڪندي عوام ۽ واپاري ان کي ڀرپور نموني سان ڪامياب بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، مُفت خورن جي بجلي بند ۽ عوام کي رليف ڏنو وڃي، عوام جي حقن لاءِ عدالتن جو دروازو به کڙڪائينداسين، حڪومت چوي ٿي ته بجلي ۽ پيٽرول توڙي گيس جون قيمتون وڌائڻ اسان جي مجبوري آهي، آءِ ايم ايف سان قرض لاءِ رکيل شرطن واري معاهدي ۾ ائين ڪرڻو آهي، پر اسان چئون ٿا ته جن قرض وٺي پاڻ تي خرچ ڪيا انهن جون ملڪيتون نيلام ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهنٽه گهر چوڪ ڪنڌڪوٽ ۾ ضلع ڪشمور سميت سنڌ ۾ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف رٿيل تاريخي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. ان کان اڳ سندس قيادت ۾ ڪنڌڪوٽ باءِ پاس کان گهنٽه گهر چوڪ تائين “ امن مارچ” به ڪيو ويو جنهن ۾ شهر جي مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جي نمائندن، واپارين، اقليتي اڳواڻن، ڀُنگ عيوض اغوا ٿيلن جي وارثن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ڌرڻي کي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، سنڌ جي امير محمد حسين محنتي، صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ بجاراڻي، جي آءِ يوٿ سنڌ جي صدر امتياز پالاري، اقليتي اڳواڻ مُکي سُريش ڪمار ۽ ضلعي امير غلام مصطفى ميراڻي پڻ خطاب ڪيو. سراج الحق وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ خاص طور تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي هر گهر ۾ ماتم آهي، ايم ايس گڊو اسپتال ڊاڪٽر منير نائچ، واپاري جڳديش ڪمار، نازيه کوسو ۽ معصوم ڪوثر کوسو سميت ڪشمور ضلعي مان هڪ سال اندر سوين ماڻهو ڀُنگ لاءِ اغوا ڪيا ويا، عوام جي سخت احتجاج، ڌرڻن باوجود حڪومت ۽ ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن، هر پاسي ظلم ۽ دهشت جو راڄ آهي سڀني اغوا ڪيل معصوم بي گناهن جي آزادي ۽ سنڌ اندر امن جي بحالي تائين جماعت اسلامي جي پُرامن جدوجهد جاري رهندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Kandhkot
karachi kashmore siraj ul haq
jamait islami
ppp
0 تبصرے