دادو: انفارميشن آفيس ۾ سينئر فوٽو گرافر جي سالگرھھ ملھائي وئي

لاهوتي منير احمد سيال جي 54 هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

دادو: انفارميشن آفيس ۾ سينئر فوٽو گرافر جي سالگرھھ ملھائي وئي

دادو (عبدلعزيز ٻٻر) ضلعي انفارميشن آفيس دادو جي سينيئر فوٽو گرافر ۽ چيئرمين آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن ضلعي دادو لاهوتي منير احمد سيال جي 54 هين سالگرھ جي موقعي تي سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو جي طرفان قاضي لائبريري جي پارڪ ۾ سالگرھ جي تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي سماجي اڳواڻ محبوب علي سومرو، قربان علي کوسو، غلام حيدر پنهور، شاهد علي گوپانگ ۽ ٻين پڻ جنم ڏينهن جو ڪيڪ ڪاٽيو، ۽ گلن جا هار پارايا ويا ان موقعي تي سماجي رهنما محبوب علي سومرو چيو ت چيئرمن آپڪا لاهوتي منير احمد سيال انسانيت جي خدمت ڪرڻ کي پنهنجو فرض سمجهي ٿو. هن جي عوام لاءِ ڪيل خدمتون ڪوششون ساراھ جوڳيون آهن، هن هر مڪتب فڪر جي غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، ۽ هن سرڪاري ملازمن جي لاء اڻ ٿڪ محنتون ڪاوشون ۽ جدجهد ڪئي هر سرڪاري ملازمن جي مسئلن لاء هر ممڪن ڪوششون ورتون آھن ۽ ڪندو رهي ٿو ان موقعي تي چيئرمين آپڪا آل پاڪستان ڪلار ايسوسئيشن ضلع دادو چيئرمين لاهوتي منير احمدh سيال چيو ته مان پنهنجي دوستن جو ٿورائتو آهيان جن، هر سال وانگر هن سال به منهنجي سالگره ملهائڻ لاءِ آيا آهيان ۽ ان موقعي تي سالگره جي تقريب ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ احمد علي ڏاهري، اسدالله ڏاهري، مسرور هاليپوٽو، حبيب الله پنهور، شفيق احمد پنهور، سميت ٻين شرڪت ڪئي. سونو خان پنهور ۽ ٻيا موجود.