English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول: اي ڊي سي ون غلام حيدر خاصخيلي جي رٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب منعقد
51 views
|
18th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
غلام حيدر خاصخيلي ضلعي ۾ اعليٰ انتظامن جي قيام سان حڪومتي پاليسين تي عمل ڪيو: ڊي سي
سجاول(رپورٽر)ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام حيدر خاصخيلي جي رٽائرمينٽ تي ڊي سي آفيس سجاول ۾ الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر طاهر علي ميمڻ رٽائرڊ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جي انتظامي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته غلام حيدر خاصخيلي سجاول ضلعي ۾ اعليٰ انتظامن جي قيام سان حڪومتي پاليسين تي عمل ڪيو ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کنيا. هن غلام حيدر خاصخيلي جي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي رٽائرڊ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين انتظامي آفيسرن ۽ عملي جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سجاول ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طور پوسٽنگ جو عرصو يادگار رهيو، جنهن دوران سينيئر ۽ ساٿي آفيسرن کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو. هن سندس اعزاز ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ضلعي انتظاميا جي ٻين آفيسرن ۽ عملي جا ٿورا پڻ مڃيا. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين آفيسرن ۽ عملي پاران رٽائرڊ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام حيدر خاصخيلي کي سنڌ جي روايتي سوکڙي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا. تقريب ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر II رڌا ٽالپر، ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن ۽ روينيو کاتي جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sajawal
Gulam Hyder
Khaskheli
0 تبصرے