ٺٽي ۾ صوبائي محتسب سنڌ جي خاص ھدايتن تي تعليم جي مسئلن بابت اھم اجلاس

ڇوڪرين جي تعليم ملڪ ۽ سماج جي ترقي لاءِ انتھائي ضروري آهي: ڊاڪٽر رياض احمد صديقي

ٺٽي ۾ صوبائي محتسب سنڌ جي خاص ھدايتن تي تعليم جي مسئلن بابت اھم اجلاس

ٺٽو(شفيق ڀٽي) صوبائي محتسب سنڌ جي خاص هدايتن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ٺٽو ڊاڪٽر رياض احمد صديقي جي صدارت هيٺ اسڪول ايجوڪيشن ۽ لٽريسي ڊپارٽمينٽ، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن (SEF) ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن جي سهڪار سان ”سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي مسئلن“ بابت مطالعي تي عملدرآمد لاءِ هڪ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم کاتي، ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي نمائندن ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ٺٽي جي ضلعي سربراهن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ڊاڪٽر رياض احمد صديقي چيو ته ڇوڪرين جي تعليم ملڪ ۽ سماج جي ترقي لاءِ انتھائي ضروري آهي. هن سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته هو هن سال ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ڇوڪرين جي تعليم بابت سيمينار، آگاهي واڪ ۽ مهم منعقد ھلائين جنهن ۾ سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جن ۾ عورت هيڊ ٽيچرز، ڊي اي اوز، ٽي اي اوز ۽ تعليمي ماهرن کي به مدعو ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي اهميت بابت ڪميونٽيز کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ پڻ ٺٽي ۽ سجاول شھرن جي اهم هنڌن تي پينافليڪس ۽ بينر پڻ لڳايا وڃن. ريجنل ڊائريڪٽر محتسب تعليم کاتي، خانگي اسڪولن ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو والدين کي ڪميونٽي سطح تي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪن جنهن ۾ ڇوڪرين کي سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ سميت معياري تعليم جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڇوڪرين جي داخلا ۾ واڌ کي يقيني بڻايو وڃي تہ جيئن اهي ترجيحي بنيادن تي تعليم حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ان سلسلي ۾ سول سوسائٽي جي سهڪار سان ڪميونٽي سطح تي والدين سان گڏجاڻيون منعقد ڪري ڇوڪرين جي داخلا لاءِ مهم شروع ڪرڻ سميت ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مناسب قدم کڻي طريقيڪار کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته تعليم کاتي جا لاڳاپيل ڊي اي اوز ايندڙ گڏجاڻين ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائين ته جيئن تعليم جي عمل ۾ ڇوڪرين جي مجموعي شموليت کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ ڇوڪرين جي تعليم ۾ رڪاوٽ بڻيل مسئلن کان آگاهه ٿي سگهن. هن سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي هدايت ڪئي ته ھو سمورين هدايتن ۽ فيصلن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ موجوده تعليمي سال 24-2023 لاءِ سرگرمين جي رٿابندي ڪئي وئي ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سرگرمين جو ڪئلينڊر فائنل ڪندي ان تي عملدرآمد لاءِ سمورن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن سان شيئر ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن سمورن اجلاسن ۾ شرڪت کي يقيني بڻائيندي. ان کان اڳ گذريل اجلاس جي ڪارروائي ۽ پيش رفت جو جائزو ورتو ويو ۽ ڇوڪرين جي تعليم جي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي ضلعي سربراہ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پيش رفت تي بريفنگ ڏني ۽ رپورٽ پڻ پيش ڪئي.