قوم چونڊن ۾ هڪ ڏينهن جي دير به برداشت ڪونه ڪندي: سراج الحق

سراج الحق پاران نگران وزيراعظم کان شفاف چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو

قوم چونڊن ۾ هڪ ڏينهن جي دير به برداشت ڪونه ڪندي: سراج الحق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) امير جماعت اسلامي سراج الحق نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کان آئين ۽ جمهوريت موجب ملڪ ۾ بروقت ۽ صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ جي گھر ڪندي چيو آهي ته قوم چونڊن ۾ هڪ ڏينهن جي دير به برداشت ڪونه ڪندي، پاڪستان فقط هڪ ملڪ نه بلڪه هڪ نظريي ۽ فڪر جو نالو آهي، جماعت اسلامي 76 سالن کان پاڪستان جي نظرياتي ۽ جاگرافيائي سرحدن جي حفاظت ڪري رهي آھي. هن وقت سڄي دنيا ترقي طرف گامزن آهي، پر اسان هڪ قوم نه بڻجي سگهياسون ۽ پاڪستان پهرين اسلامي ايٽمي رياست هئڻ باوجود عوام پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان به محروم آهي. 10 ڪروڙ شهري غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ۽ 07 ڪروڙ نوجوان بيروزگاري سبب ڌڪا کائي رهيا آهن، ظالم حڪمرانن جي ڪري اڄ هر پاڪستاني اڍائي لک رپين جو قرضي آهي هتي غربت ننگو ناچ ڪري رهي آهي حڪومت غربت ۽ مهانگائي ۽ بدامني جي خاتمي ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي جن به ملڪ کي لٽيو آهي انهن سڀني کي اٽڪ جيل ۾ هئڻ گهرجي. حقيقي آزادي ۽ تبديلي لاءِ عظيم جدوجهد جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ھن اسٽيشن روڊ تي جي آءِ يوٿ پاران رٿيل يوٿ ڪنونشن کي خطاب ڪندي ڪيو، صوبائي امير محمد حسين محنتي، يوٿ جي مرڪزي صدر رسل خان بابر، صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو، يوٿ سنڌ جو صدر امتياز پالاري، ضلعي امير عقيل احمد خان پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي سينئر صحافي جان محمد مهر جي بيدردي سان قتل، تعليم، ،صحت ۽ امن امان جي خراب صورتحال جي باري ۾ پڻ قراردادون منظور ڪيون ويون. هوڏانهن امير جماعت اسلامي جو ڄامشورو ٽول پلازه وٽ ضلعي امير صالح ڀُرٽ جي قيادت ۾ زبردست استقبال ڪيو ويو استقبال لاءِ ايندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو تہ عوام ملڪ ۾ حقيقي تبديلي، اسلامي، فلاحي، جهموري ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ هاڻي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏئي. مرڪزي امير ضلع مٽياري جي تعلقي سعيد آباد ۾ قائم ديني اداري جامعة الحرمين ۾ نعمت الله خان تعليمي بلاڪ جو افتتاح ۽ رٿيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته آزادي جو مطلب پنهنجي مرضي سان مذهب ۽ نظريي موجب زندگي گذارڻ آهي، پر هتي 76 سال گذري وڃڻ باوجود اڄ به انگريزن جو قانون مسلط، آءِ ايم ايف جي غلامي جو سنگهر اسان جي ڳلي ۾ پيل آهي ته پوءِ اسان ڪئين آزاد آهيون؟ عدالتن کان ويندي ٿاڻي تائين قرآن بدران انگريز سامراج جي قانون موجب فيصلا ٿي رهيا آهن ان ڪري اڄ جو ڏينهن حقيقي آزادي ۽ خوشحال پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو عزم ڪريون جماعت اسلامي ان مشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي. پاڪستان ۾ اسلامي نظام نافذ ٿيندو ته اوهان جي ٻچن جو مستقبل محفوظ هوندو، پر اڄ باجوڙ، گوادر ۾ بم ڌماڪا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جي ڪري هر طرف خوف ۽ بي يقيني وارو ماحول آهي، خوف، بُک ۽ بي امني کان نجات فقط الله جي دين ۾ آهي. سيد منور حسن ۽ نعمت الله خان الله جا ولي هئا جن عوام جي خدمت ۽ دين کي قائم ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي. سراج الحق جامعة الحرمين جي انچارج مُفتي جلال الدين منصوري ۽ سندس ٽيم جي ڪيل علمي خدمتن جي ساراه ڪندي چيو ته ان شاءِ الله هڪ ڏينهن هي ادارو وڏي علمي اداري جي شڪل اختيار ڪندو. ان موقعي تي صوبائي امير محمد حسين محنتي ۽ مُفتي جلال الدين منصوري پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو، ممتاز حسين سهتو، مولانا آفتاب ملڪ، مجاهد چنا، ضلعي امير اياز احمد اصلاحي سميت ٻيون سماجي ۽ ديني شخصيتون پڻ موجود هيون#.