English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ هاءِ ڪورٽ نوتيار ڳوٺ معاملي بابت ٽن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي
views
|
04th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ۾ عدالتي حڪم تي ماپ دوران جھيڙي ۾ تپيدار جي مارجڻ بعد ڳوٺاڻن کي بيدخل ڪيو ويو هو
ٺٽو( ڊر) سنڌ ھاء ڪورٽ غلام الله لڳ نوتيار ڳوٺ معاملي تي سيشن جج ٺٽو کي ٽن ڏينھن اندر ڳوٺاڻن کي ڳوٺ ۾ ويھاري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم،غيرقانوني فيصلو ڏيندڙ ايڊيشنل سيشن جج کي به شوڪاز نوٽيس جاري ڪجھ وقت اڳ غلام الله لڳ 103 موري تي نوتيارن جي ڳوٺ تي ٺٽو جي عدالت جي حڪم تي ماپ دوران جھيڙو ٿي پيو جنھن۾ ھڪ تپيدار علمدار شاھ مارجي ويو ھو جنھن کان ڳوٺاڻن کي ڳوٺ مان بيدخل ڪيو ويو ھو ڳوٺ تي مسلسل پوليس جو ڪڙو چڙھيل آھي ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي نامياري وڪيل محمد اشرف سمون ڳوٺاڻن جي مالڪي ڪندي ڳوٺاڻن جون ضمانتون پڻ ڪرايون۽ سنڌ ھاء ڪورٽ۾ پوليس جي ظلمن روينيو عملدارن جي ظلم خلاف ۽ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جي ڏنل فيصلي کي چئلينج ڪندي پٽيشن داخل ڪرائي جنھن جي ٻڌڻي کانپوءِ سنڌ ھاء ڪورٽ سيشن جج ٺٽو کي ٽن ڏينهن اندر بيدخل ٿيڻ ڳوٺاڻن کي پنھنجي ڳوٺ ۾ ويھاري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو کي پڻ شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي سنڌ ھاء ڪورٽ جي ڏنل اھڙي فيصلي کان پوءِ ڳوٺاڻن جي منھن تي مرڪون موٽي آيون آهن ھوڏانھن ڳوٺاڻن سان ظلم برپا ڪندڙ وڏيرن جون وايون بتال ٿي ويون آهن جيڪي سنڌ ھاء ڪورٽ جي ڏنل فيصلي کان پوءِ ٻڏتر جو شڪار بڻجي ويا آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jan 2025
•
دنیا
امریکا بھر میں ٹک ٹاک بند
19th Jan 2025
•
تازہ ترین
ژوب: پاک افغان بارڈر پر دراندازی کی کوشش ناکام، فورسز سے مقابلے میں 5 خوارج ہلاک
17th Jan 2025
•
سندھ
پاکستان ایگریکلچر اینڈ ہارٹیکلچر فورم کے سینئر نائب صدر خالد اعجاز کا حکومت سندھ سے پاکستان کے پہلے اے پی ای زیڈ کی خستہ حالی کا فوری نوٹس لینے کا مطالبہ
17th Jan 2025
•
سندھ
عمران خان اور بشریٰ بی بی کے خلاف عدالتی فیصلہ انصاف کی جیت ہے، اظفر صدیقی
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
شاھراھ ڀٽو ڪراچي جي عوام لاءِ ترقي ۽ عوامي سھولت ۾ پنھنجو ڪردار شروع ڪري ڇڏيو آھي: سمعتا افضال سيد
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي ادبي سنگت شاخ شڪارپور جي سالياني چونڊ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد ۾ قتل ٿيل پورهيت زاهد ميراڻي جي چاليهي جي تقريب پپري ۾ ٿي گذري
19th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ڳوٺاڻي پاران پٽ سميت ڌيءَ جي مبينا اغوا خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Sindh
High
Court
thatto
notyar VIllage
Murder case
0 تبصرے