English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪشمور ۾ 12 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ٻارڙو بازياب نه ٿيو، ايس ايس پي جي سندس وارثن سان ملاقات
views
|
06th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
مغوي ٻارڙَي محمد احمد سولنگي جي وارثن پاران انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي جي اعلان بعد پوليس ۾ ٿرٿلو
ڪشمور(دلبر جاني ) ڪشمور ضلعو اغوا انڊسٽري ۾ تبديل ٿي ويو آئي روز ڪونه ڪو ٻار يا ماڻهون اغوا يا وري سندس گوليون هڻي زخمي ڪرڻ واري وارداتن ۾ ڏينهنو ڏينهن اضافو ڪشمور 12 ڏينهن پهريون سولنگي محلا مان معصوم ٻار محمد احمد سولنگي کي اغوا ڪيو ويو هو اڄ عوامي ميڊيا سينٽر ڪشمور جي ٽيم معصوم ٻار محمد احمد جي والد جو انٽر ويو ڪيو انهي انٽر ويو ۾ ٻار جي والد لياقت چيو ته منهنجو معصوم 8 محرم تيگهر باران راند ڪندي اغوا ٿي ويو آهي 12 ڏينهن گذرڻ باوجود سندس ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي منهنجي گهر ۾ قيامت وارو منظر آهي منهنجي امڙ ۽ منهنجي گهر واري کي ٻار جي جدائي ۾ بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن ڪشمور جي سياسي سماجي مذهبي صحافي دوستن کي هٿ ٻڌي عرض ٿو ڪيان منهنجي مدد ڪيو منهنجو آواز اعلي ايوانن تائين پهچايو جيئين ظالمن تائين آواز پهچي ۽ ڪو شل رحم پوين منهنجو ساٿ ڏين عوامي ميڊيا سينٽر جي ٽيم پاران معصوم ٻار محمد احمد جي والد لياقت سولنگي جي ٻار جي بازيابي ۽ احتجاجي سڏ واري وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪشمور پوليس ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ايس ايس پي شڪار پور ڪشمور امجد احمد شيخ نوٽيس وٺندي مغوي ٻار جي بازيابي لاءِ هنيل ڪيمپ تي پهچي ويو وارثن سان ڳالهيون انشاءالله اسان جلد ٻارَ کي بازياب ڪرائي وٺندا سي ايس ايس پي جي خاطري تي وارثن احتجاجي ڌرڻي جو سڏ واپس ورتو ياد رهي ته ڪشمور ضلعي اندر مختلف ڏينهن ۾ ڪيترائي ٻار توڙي ڊاڪٽر منير نائچ سان گڏ 30 کان وڌيڪ ماڻهون ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد آهن ڪلھ ڪشمور شهر ۾ ٻه ڦر جون وارداتون ٿيون جنهن ۾ نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن پاران شهرين کي موبائل فون سان گڏ نقدي کان به محروم ڪري ڇڏيو اڄ گبلو ٿاڻي جي حد ۾ ڪنڌڪوٽ ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ اي ايس آئي غلام قادر ڏاهاڻي ڌوکي سان ڪنڌڪوٽ مان ڪار ڊرائيور کي مريض کڻي اچڻ جي به؛ ني وٺي اچي گبلو حد ۾ ڌاڙيلن حوالي ڪيو ته سندس رڙين تي علائقي واسين پهچي سندس ڊرائيور کي ڌاڙيلن کان ڇڏائي ورتو ياد رهي ته ڪلھ بڊاڻي لنڪ روڊ بڊاڻي مياڻي ٿاڻي جي سڏ پنڌ تي ڊاڪٽر جي گاڏي مٿان حملو ڪري ڌاڙيل آدرش ڪمار کي کڻي ويا هئا امن جو پکي اڏري وڃن بعد ضلعي جي شهرين ۾ خوف واري صورتحال پئدا ٿي وئي آهي سندس آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڪشمور ضلعي اندر فوجي آپريشن ڪري سندس شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
پاکستان
پاکستان سے امریکا منتقل ہونیوالی27 سالہ ڈاکٹر جگر ٹرانسپلانٹ سے آدھا گھنٹہ قبل چل بسیں
29th Sep 2025
•
تازہ ترین
کھیلوں میں جنگ کو گھسیٹنے سے صرف بھارت کی ’بوکھلاہٹ‘ ظاہر ہوتی ہے، محسن نقوی
29th Sep 2025
•
پاکستان
کمشنر قلات ڈویژن ڈاکٹر طفیل بلوچ سے ڈپٹی کمشنر آواران انجینئر عائشہ زہری کی خضدار میں اہم ملاقات
29th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڇا دنيا ٽين عالمي جنگ ڏانهن پيئي وڃي .. ؟
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ هاسپيٽل بيسڊ بلڊ بئنڪ پاران انسٽيٽيوٽ آف نرسنگ ۾ سالانه بلڊ ڪئمپ لڳائي وئي
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ درٻيلو واسي پيرسن جو پٽ خلاف احتجاج
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، 9 جواري گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Kashmore
Murder
Kidnaping
Child
SSP
Amjad
Shiekh
Police
0 تبصرے