ڪراچي ۾ اڪرم ابڙو ۽ شهريار ابڙو واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪراچي ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاء ۽ ڀائيٽي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو آهي: اڳواڻ

ڪراچي ۾ اڪرم ابڙو ۽ شهريار ابڙو واري واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل اڪرم خان ابڙو ۽ شھريار ابڙو جي قتل ۽ ٻن زخمي عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور جي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پاڪستان پروگريسو ابڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن صوبائي سنڌ جي صدر ياسين ابڙو. عبدالحڪيم ابڙو. محمد عالم ابڙو. منير ابڙو جي اڳواڻي ۾ سھراب ڳوٺ ٽائون لياري ندي کان پراڻي پوليس چونڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو، احتجاجي ريلي ۾ علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جان محمد ابڙو. غلام مصطفي ابڙو. نظير احمد سوڍر. مختيار ابڙو. عاجز ابڙو. عباس جتوئي. جاني ڦلپوٽو. پرويز ميمڻ ۽ ٻين به حمايت طور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاء اڪرم خان ابڙو ۽ ڀائيٽي شھريار خان ابڙو کي ٽارگيٽ ڪري ھڪ گھري سازش تحت قتل ڪيو ويو آهي جنهن جي اسين سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا. ھنن چيو ته پوري پاڪستان ۾ رھندڙ ابڙا برادريءَ ھن ٻيڻي قتل تي خاموش ٿي نه ويھندي. پوليس ٻيڻي قتل کي قبيلائي تڪرار قرار ڏئي جان آجي ڪرڻ گهري ٿي. ھي قتل ٽارگيٽ ڪلنگ جو واقعيو آھي. جنھن ۾ ملوث قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ھنن سپريم ڪورٽ. سنڌ ھاء ڪورٽ. سنڌ حڪومت. آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ٻيڻي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پاڪستان پروگريسو ابڙا ويلفيئر ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين