ڪارونجهر اسان جي جنوني عشق جو محور آهي: سيد سردار شاهه

اقليتن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ سندن ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون: گيانچند ايسراڻي

ڪارونجهر اسان جي جنوني عشق جو محور آهي: سيد سردار شاهه

ميرپورخاص(بيورورپوٽ) تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ ۽ اقليتي معاملن وارو صوبائي وزير انجنيئر گيانچند ايسراڻي اوچتو ميرپورخاص جي مشهور آفتاب ڪڙاھي گوشت ھوٽل پھچي ماني کادي صوبائي وزير سيد سردار چيو ته ميرپورخاص جي آفتاب ڪڙاھي تي ماني کائيندي ماضيءَ جي يادن کي ورجايو شاگردي واري زماني ۾ ھميشه ميرپوخاص ايندو رهندو ھئس , کائڻ جي معاملن ۾ آء پاڻ به بورچي آھيان مختلف قسمن کادا ٺاھڻ ڄاڻان ٿو ايوان صحافت جي ٽيم جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪارونجھر اسان جي جنوني عشق جو محور آھي ان کي وڪڻڻ جو سوچي به نه ٿا سگهون ، ڪارونجھر جي ڪٽائي بابت چئيرمين بلاول ڀٽو صاحب کي عوام جي رد عمل بابت ڄاڻ ڏني جنھن ڪارونجھر جي ڪٽائي واري فيصلي رد ڪيو آھي سيد سردار شاھ جو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تعليم کاتي واري منھنجي وزارت واري وقت ۾ ڪرونا بوڏن سبب ڪم ڪرڻ مشڪلاتون پيش آيون ان باوجود 60 ھزار استاد ڀرتي ڪيا پنجاب ۾ ڪيترائي اسڪول بند استادن جي کوٽ ھجڻ باوجود تنقيد صرف سنڌ تي ڪئي ٿي وڃي ان موقعي تي صوبائي وزير اقليت گيانچند ايسراڻي چيو ته اقليتن جي مسئلن جي حل ۽ انهن جي ڀلائي لاءِ جوڙيل 32 رڪني ڪميٽي ۾ 16 ميمبر ميرپورخاص ڊويزن جا آهن ، اقليتن لاءِ طبي ۽ ڏاج فنڊ جي ورهاست جو ڪم پڻ جاري آھي