ميرپورخاص ۾ ماء جي کير جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار ۽ واڪ منعقد

ماء جي کير جا ڪيترائي فائدا آھن انهي کي جاري رکڻ لاء مهم شروع ڪئي آهي: ڊاڪٽر جئرام داس

ميرپورخاص ۾ ماء جي کير جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان سيمينار ۽ واڪ منعقد

ميرپورخاص (خيرالدين چانڊيو) ماء جي کير جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي يونيسف جي سهڪار سان شفا فائونڊيشن اداري پاران ميرپورخاص جي پراڻي سول اسپتال ۾ سيمينار منعقد ڪيو ويو ماء جي کير جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي سيمينار ۾ ڊاڪٽرن ڊاڪٽرياڻين سياسي سماجي ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي سيمينار ۾ شفا فائونڊيشن جي اڳواڻ حيات خان ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر جئرام داس چيو ته ماء جي کير جا ڪيترائي فائدا آھن انهي کي جاري رکڻ لاء اسان هن مهم جو آغاز ڪيو آھي ته جئين ٻهراڙي ۾ رهندڙ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاء گهر گهر مهم هلائي ويندي ته جئين پيدا ٿيندڙ ٻار کي 6 مهينن تائين ماء جي کير جي سخت ضرور هوندي آھي جنهن ڪري ماء کي پهرين صحت مند رکڻ لاء پنهنجي صحت جو خيال رکڻ گهرجي ته جئين ماء جي کير سان ٻار ۾ غذايت جي کوٽ پيدا نه ٿي سگهندي هن وقت اڪثر ٻار پيدا ٿيڻ دوران ڪمزور هوندا آھن جنهن جو ڪارڻ ماء جي صحت ۽ کاڌ خوارڪ جي ڪمي هئڻ جو سبب آھي ماء جي کاڌ خوراڪ بهتر هوندي ته ٻار جي غذايت ۽سبب صحت مند ۽ تندرست ٻار هوندو جنهن ڪري ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين کي گهرجي ته ماء جي کير بابت ٻهراڙي جي عورتن کي آگاهي ڏيڻ لاء گهر گهر لاء وڃي ڄاڻ مهيا ڪن ته جئين ٻار صحت مند ۽ تندرست رھن.