English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميهڙ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي
64 views
|
03rd Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سياسي سماجي قومپرست مذهبي ڌرين توڙي شهرين پاران ريلي ڪڍي وئي
ميهڙ (رپورٽر) ميھڙ تعلقي ۾ وڌنڌڙ بدامني، ڦرن ڌاڙن چورين واري واقعن خلاف سياسي سماجي واپارين شھرين پاران شھري اتحاد جي صدر نياز علي ٻرڙو نظير جانوري،سردار نوراحمد تيوڻو،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ وڪيل منور جتوئي، پي ٽي آئي جي ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر، ايوب کوسو،عوامي پورھيت تحريڪ جي وڪيل رحيم بخش ٻگھيو، ايس يو پي اڳواڻ حبيب حضوري،وڪيل شير علي چانڊيو ،محمد علي ڪانڌڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ دعا چونڪ کان گھنٽاگھر چونڪ تائين پيادل مارچ ڪري ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شامل واپارين ، شھرين پاران ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي بدامني خلاف ، چور پالڻ شھري ڦرائڻ بند ڪريو ، کپي کپي امن کپي جا زوردار نعريبازي ڪندا . اڳواڻن چيو ته ميهڙ شهر بدامني جي باھ آهي ڦرون ڌاڙا معمول بڻيل آهن قانون نالي ڪاشيء ناھي هر روز چوريون ڦرون معمول بڻيل آهن ايس ايس پي دادو امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آهي. اعلي اختياريون ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني جو نوٽيس وٺي شھر ۾ امن امان قائم ڪري ڏوھارين ۽ پاٿاريدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرايو وڃي. جڏهن ته ميهڙ ۾ بدامني سبب ايس ايڇ او اي سيڪشن اشفاق منگي کي بدلي ڪري سجاد جمالي کي ايس ايڇ او ميهڙ مقرر ڪيو ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مرحوم استاد عمردراز مهر، سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن نڀائيندڙ علمي ڪردار
12th Jan 2026
•
سندھ
کراچی میں اجتماعی شادی کی تقریب، 75 ہندو جوڑے شادی کے بندھن میں بندھ گئے
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
ٹرمپ کا انجام بھی فرعون، نمرود اور رضا شاہ جیسا ہوگا: ایرانی سپریم لیڈر
12th Jan 2026
•
تازہ ترین
صدر کی منظوری کے بغیر آرڈیننس جاری ہونے پر پیپلز پارٹی کا ایوان سے واک آؤٹ، بلاول نے اہم اجلاس طلب کر لیا
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو تحفظ لاءِ احتجاج
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گهارو ويجهو حادثي ۾ هڪ ڄنو فوت، ٻيو زخمي
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل
12th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: ھاليجي ڍنڍ جي ڳوٺ حاجي ميربحر ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Mehar
Protest
JSQM
0 تبصرے