باجوڙ ڌماڪي انسانيت جو احساس رکندڙن جي دل کي جھوري وڌو: علامه راشد محمود سومرو

ڪوئي ٻڌائيندو ته آخر اسان ڪيستائين جنازا کڻندا رھندا سين، پاڪستان ۾امن دشمن قوتن کي وائکو ڇونٿو ڪيو وڃي؟

باجوڙ ڌماڪي انسانيت جو احساس رکندڙن جي دل کي جھوري وڌو: علامه راشد محمود سومرو

لکي غلام شاھ ( احسان ابڙو) باجوڙ ڌماڪي انسانيت جي احساس رکندڙن جي دل کي جھوري وڌو آهي. ڪوئي ٻڌائيندو ته آخر اسان ڪيستائين جنازا کڻندا رھندا سين. آخر پاڪستان ۾امن دشمن قوتن کي وائکو ڇونه ٿو ڪيو وڃي؟ علامه راشد محمود سومرو جو تعزيتي ريفرنس کي خطاب. تفصيل موجب : شڪارپور لڳ جمعيت علماء اسلام تعلقه لکي جي طرفان عبدو شھر جي مرڪزي عيد گاه ۾ مولانا عبدﷲ مھر جي صدارت ۾ٿيندڙ تعزيتي ريفرنس شھداء باجوڙ کي خطاب ڪندي جي يو آئي سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامہ راشدمحمود سومرو چيو آهي ته باجوڙ سانحي تي ھران دل رت جا ڳوڙها ھاريا آهن جنهن ۾ انسانيت جو احساس آهي. اسان ھن تعزيتي ريفرنس ۾ باجوڙ جي شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.مطالبوڪيون ٿا ته ان واقعي جي اعلىٰ سطحي تحقيقات ڪري مجرمن کي سزا ڏني وڃي. ۽ان سان گڏوگڏ پاڪستان جي مقتدر قوتن کان اھو سوال به ڪيون ٿا ته ٻڌايو آخر اسان ڪيستائين پنهنجن اڳواڻن ۽ڪارڪنن جا جنازا کڻندا رھنداسين؟ پاڪستان ۾ امن لاءِ آخر اسان اڃان ڪيترا جنازا کڻندا سين؟ آخرڪھڙيون مجبوريون ھيون جو امن ۽ خوشحالي جي طرف وڌندڙ ملڪ جا رستا روڪيا ويا؟ ڪھڙا سبب ھئا جوسيپيڪ کي سبوتاز ڪرڻ جي لاءِ دھسشت گردن لاءِ سرحدون کوليون ويون؟ ھاڻي به جڏهن ملڪ ۾ امن استحڪام کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ چين جو نائب وزيراعظم پاڪستان ۾ ھيو ان ڏينهن تي باجوڙ ۾ ڌماڪو ڪري ملڪ ۾ امن ۽استحڪام جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جمعيت علماء اسلام مطالبو ڪري ٿي ته امن دشمن قوتن کي وائکو ڪري انهن کي پاڪستان جي عوام آڏو بي نقاب ڪيو وڃي. تعزيتي ريفرنس ۾ مولانا تاج محمد مھر، حافظ رفيق احمد شر، عبدالقدوس کوسو سميت ٻين ڪيترن ئي جي يو آء ڪارڪنن اڳواڻن پاران شرڪت ڪئي وئي