ڪربلا واقعو ظلم بربريت ۽ ناانصافي خلاف ويڙھ ھئي: اياز لطيف پليجو

حضرت امام حسين عه حق ۽ سچ جي جنگ جو سپہ سالار ھو ظلم خلاف جنگ حسينيت آھي

ڪربلا واقعو ظلم بربريت ۽ ناانصافي خلاف ويڙھ ھئي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد)بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ حضرت امام حسين عليه السلام حق ۽ سچ جي جنگ جو سپہ سالار ھو ظلم خلاف جنگ حسينيت آھي ڪربلا واقعو ظلم بربريت ۽ ناانصافي خلاف ويڙھ ھئي. حضرت امام حسين عليه السلام جي قرباني سرفروشي ۽ جانثارن سان گڏ ظلم خلاف ميدان جنگ ۾ بيھي رھڻ عظيم مثال آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ يوم عاشور اسان کي حضرت امام حسين عليه السلام جي بي مثال قرباني ۽ شھادت جي ياد ڏياري ٿو. سنڌ ۽ پاڪستان جا ماڻھو امن انصاف ۽ ترقي لاءِ ظلم جھالت آمريت دھشتگردي بربريت تشدد ۽ عدم برداشت جي تباھ ڪندڙ نظرين خلاف جدوجھد جي ميدان تي اچن اياز لطيف پليجي چيو تہ حضرت امام حسين عليه السلام جي پيغام تي عمل سان ظلم ۽ ناانصافي جي ھر صورت جو مقابلو ڪري سگھجي ٿو. ٻ ئي طرف ڪرپشن جي بازار ۾ امن انصاف پاڻي تعليم صحت روزگار زراعت خوراڪ سميت ھر شئي وڪرو ٿي رھي آھي جنھنڪري غريب ماڻھو وڌيڪ غريب ٿي رھيا آھن، ماڻھو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آھن تعليم ناھي، اسپتالن ۾ غريب بيمار ماڻھو تڙپي تڙپي مري رھيا آھن، انھي ظلم، بربريت ۽ پئسي جي حوس خلاف جدوجھد حسينيت آھي. سنڌ جي وحدت لاء ويڙھ ۽ آواز بلند ڪرڻ حسينيت آھي ظلم آڏو جھڪڻ کان انڪار حسينيت آھي مصلحت بدران جدوجھد جي ميدان تي بيھي مقابلو ڪرڻ حسينيت آھي