خيرپور ويجهو 4 ٻارڙن جي ماءُ سان جنسي زيادتي جي ڪوشش

جوابدار وحيد سومرو رات جو گهر ۾ گهڙي زيادتي جي ڪوشش ڪئي، رڙين تي ڀڄي ويو: متاثر عورت

خيرپور ويجهو 4 ٻارڙن جي ماءُ سان جنسي زيادتي جي ڪوشش

خيرپور ڀرسان ڳوٺ وڏا سمنگ جي رهواسڻ چار ٻارن جي ماءُ سان جوابدار طرفان زبردستي جنسي زيادتي جي ڪوشش، متاثر عورت انصاف لاءِ سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي آفيس پهچي وئي مسمات صبا منگي جو چوڻ هو ته جوابدار وحيد سومرو رات دير سان منهنجي گهر جي ڀت ٽپي مون سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي رڙين تي ڳوٺاڻا واهر لاءِ پهتا ته جوابدار فرار ٿي ويو ھن چيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ بي سيڪشن ٿاڻي تي ويس پر پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري نه ئي جوابدار کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ھن ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي ۽ مون سان انصاف ڪيو وڃي