مورو ۾ ناري مڙس هٿان مبينا قتل، ڪيس داخل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

ناري طاهره سومرو جي ڀاءُ جو سندس مڙس سليم تي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جو الزام

مورو ۾ ناري مڙس هٿان مبينا قتل، ڪيس داخل، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

مورو شھر جي ٻانڌي روڊ واري علائقي ۾ مڙس پاران زال کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف، ناري جي ڀاءُ ڀيڻيوي تي قتل جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، پوليس ڄاڻايل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. سليم سومرو پنهنجي زال مسمات طاھرہ ڌيءَ حبيب الله سومرو کي زهر ڏئي قتل ڪيو آھي جنهن جي ايف آئي آر مورو ٿاڻي تي ناري جي ڀاءُ عرفان علي سومرو جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آھي. فريادي عرفان علي سومرو ڄاڻايو آھي تہ سندس ڀيڻ طاهرہ سومرو کي مڙس سليم سومرو مارڪٽ ڪندو رھندو ھو ۽ ھن کي زھر ڏئي قتل ڪيو آھي. ناري جي ڀاءُ عرفان علي سومرو چيو آھي ته تقريبن چار سال اڳ اسان جي ڀيڻ جي سليم سومرو سان شادي ٿي هئي جنهن مان سندس کي ٻه ٻار به آھن ڪجھ عرصي کان اسان جي ڀيڻ شڪايتون ڪندي رهندي هئي ته منهنجو مڙس ۽ سندس مائٽ مون تي تشدد ڪن ٿا هاڻي هنن منهنجي ڀيڻ کي زهر ڏئي ماريو آھي، ابتدائي رپورٽ ۾ زهر جي تصديق پڻ ٿي آھي.