سجاول ۾ امير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ڏهين سالگرھ ملھائي وئي، تقريب منعقد

ناٿو سانڌاڻي ملاح ۽ نور احمد ھٿيار پاران منعقد تقريب ۾ مرڪزي چيئرمين علي مير ملاح، ڊاڪٽر اقبال ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ

سجاول ۾ امير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي ڏهين سالگرھ ملھائي وئي، تقريب منعقد

سجاول (رپورٽر) سجاول ۾ امير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان جي ڏهين سالگرھ جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. سجاول بائي پاس روڊ تي ملاح چوڪ وٽ اميرالبحر ويلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان جي ڏھين سالگرھ جي تقريب ضلعي سجاول جي صدر ناٿو سانڌاڻي ملاح ۽ تعلقي صدر نور احمد ھٿيار پاران رچائي وئي. جنھن ۾ اميرالبحر جي مرڪزي چيئرمين علي مير ملاح، پيپلزپارٽي تعلقي سجاول جي صدر ڊاڪٽر اقبال ميمڻ، پيپلزپارٽي سجاول جي سرگرم اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ، حاجي زاڪر ڪلاتري، احمد ملاح، حاجي جاڙو ملاح، فردوس عزيز ميربحر ۽ آڪاش ٻاگھل سميت وڏي انگ ۾ ملاح برادري جي ماڻهن، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي امير البحر جي ڏهين سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جڏهن تہ شرڪت ڪندڙن پاران هڪ ٻئي کي مبارڪون پڻ ڏنيون ويون. تقريب کي خطاب ڪندي امير البحر جي مرڪزي چيئرمين علي مير ملاح چيو تہ امير البحر جي ڏهين سالگرھ ملاح برادري لاءِ خوشي ۽ فخر جو ڏينهن آهي. هن چيو تہ گذريل ڏهن سالن دوران امير البحر ملاح برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ، برادري جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ سندن حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ھن چيو تہ ملاح برادري صدين کان ملڪ جي معيشت، پاڻي جي وسيلن ۽ سماجي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهي آهي، پر اڄ بہ ملاح برادري کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. علي مير ملاح چيو تہ امير البحر جو مقصد ملاح برادري جي اتحاد ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ سان گڏ تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿارڻ آهي. هن چيو تہ برادري جي نوجوانن کي تعليم ڏيارڻ ۽ کين روزگار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن ملاح برادري جي سمورن ماڻهن کي اپيل ڪئي تہ هو ذاتي اختلافن کان مٿانهون ٿي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ۽ پنهنجي برادري جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪردار ادا ڪن. مرڪزي چيئرمين وڌيڪ چيو تہ امير البحر کي سجاول سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وڌيڪ منظم ۽ فعال بڻايو ويندو ۽ برادري جي مسئلن کي لاڳاپيل اختيارين تائين پهچائي انهن جي حل لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. هن چيو ته تنظيم ۾ ايماندار، متحرڪ ۽ سماجي خدمتن جو جذبو رکندڙ ماڻهن کي اڳتي آندو ويندو. تقريب کي سالگرھ جي موقعي تي امير البحر جي مرڪزي چيئرمين علي مير ملاح پاران اهم تنظيمي اعلان ڪندي سجاول سماجي اڳواڻ حاجي جاڙو ملاح کي امير البحر جو مرڪزي ايڊوائيزر مقرر ڪيو ويو. ان حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن پڻ حاجي ملاح جاڙو حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي موجود اڳواڻن ۽ ملاح برادري جي ماڻهن حاجي ملاح کي نئين ذميواري ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي تہ هو تنظيم جي مضبوطي ۽ برادري جي ڀلائي لاءِ پنهنجون خدمتون جاري رکندو. تقريب کي پيپلز پارٽي جي سرگرم اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اقبال احمد ميمڻ پڻ خطاب ڪندي چيو تہ ملاح برادري سنڌ جي اهم برادرين مان هڪ آهي، جيڪا ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي پاڻي، زراعت ۽ سماجي زندگي سان گهري وابستگي رکي ٿي. هنن چيو تہ برادري جي مسئلن جي حل ۽ سندن جائز حقن لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. تقريب جي آخر ۾ محفل موسيقي پڻ منعقد ڪئي وئي، جيڪا رات دير تائين جاري رهي.