نون ليگ ايم اين اي نيلم ڪماري، جو سامارو جي مختلف ڳوٺن جو دورو

نيلم ڪماري ميگهواڙ برادري جي ڀڳت ڏيوشي رام سورميڙو جي ديھانت تي تعزيت ڪئي

نون ليگ ايم اين اي نيلم ڪماري، جو سامارو جي مختلف ڳوٺن جو دورو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)مسلم ليگ ن جي ايم اين اي، نيلم ڪماري، جو سامارو جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ مختلف هنڌن تي ميگهواڙ برادري جي ڀڳت ڏيوشي رام سورميڙو جي ڌيھات تي تعريعت ڪئي ۽ وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. پير ڪالوني ۾ موڙو ميگھواڙ جي نوجوان پٽ جي وڇوڙي تي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک اظهار ڪيو.سامارو ۾ راما پير مندر ۾ ميگھواڙ برادري جي نوجوانن سان ملاقات ڪئي. ايم اين اي ميڊم نيلم ڪماري چيو ته مان، ايم اين اي نيلم ڪماري، سڀني اقليتي مسئلن جي حل لاءِ پارٽي جي نمائندن سان ڳالهائيندس ۽ انهن جي حل لاءِ، حڪومت ۾ ويٺل نمائندا ۽ اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن اسان جي برادري جي نوجوانن جي مختلف مسئلن کي حل ڪري سگهجي. ان موقعي تي ميگهواڙ برادري جا معزز ۽ نوجوان صحافي خوشحال ڀواني،صحافي اشوڪ جئيپال، رانو بوچيا،پرديپ چوھاڻ سيٺ ڏيوجي ـ سيٺ ناراڻن حاجاڻي ڪامريد ڪيشو ميگھواڙ گرداري ميگھواڙ رميش سولنگي موھن ويڻ ڌيال ويڻ سميت ان موقعي تي ميگھواڙ برادري جا ٻيا نوجوان پڻ موجود هئا.