English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ويجھو اسٽيٽ لائيف انشورنس جي گڏجاڻي، حاڪم مل ميگهواڙ ۽ جلال ميگھواڙ جي شرڪت
115 views
|
29th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڍوري ناري ۾ اسٽيٽ لائيف انشورنس ايجنسي جي گڏجاڻي، جيڪا اسٽيٽ لائيف انشورنس ايجنسي سيڪٽر هيڊ کپرو حاڪم مل ميگهواڙ ۽ محترم ايريا مينيجر جلال ميگھواڙ جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي سيلز مينيجر نندلال ميگهواڙ پاران ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سڀني سيلز نمائندن وڏي جوش، جذبي ۽ ذميواري سان ڀرپور شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران موجوده ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته نون ڪاروباري هدفن، نئين ڀرتين، پاليسين جي واڌ ، پريميم ڪليڪشن، گراهڪن کي بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ مستقبل جي حڪمتِ عملي بابت اهم هدايتون ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ويئي. سيڪٽر هيڊ کپرو حاڪم مل ميگهواڙ پنهنجي خطاب ۾ ٽيم کي اسٽيٽ لائيف ڪنوينشن 2027، فاسٽ ٽريڪ پروموشنز ۽ ريگيولر پروموشنز بابت ڀرپور موٽيويشن ڏني. هن ورڪ، محنت، ايمانداري، نظم و ضبط ۽ مسلسل ڪارڪردگي جي اهميت تي زور ڏيندي سڀني ساٿين کي مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پوري عزم ۽ جذبي سان ڪم جاري رکڻ جي تلقين ڪئي. هن چيو ته "گڏيل محنت، مثبت سوچ ۽ بهترين منصوبابندي سان هر وڏو هدف حاصل ڪري سگهجي ٿو."آخر ۾، سڀني شرڪت ڪندڙن اداري جي ترقي، ڪاروبار ۾ واڌ ۽ شاندار نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏجي محنت ڪنداسين، ته ڪاميابي ضرور اسان جي هوندي. سڀني شرڪت ڪندڙن جي ڀرپور شرڪت، ميٽنگ ۾ آيل سڀني سيلز نمائندن کي ويلڪم پريميم وٺي اچڻ تي سنڌ جي ثقافت کي برقرار رکندي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ اوڍائي مبارڪباد ڏنيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ويجھو اسٽيٽ لائيف انشورنس
0 تبصرے