English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا
6 views
|
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد، سکر، ميرواھھ گورچاڻي، اڪري چودڳي، سانگھڙ، ڪڙيو گھنور ۾ ريليون ۽ مظاھرا
حيدرآباد (بيورو) جلال پور ڪينال، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، جلال پور ڪئنال، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ذوالفقار آباد، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، پريا ڪماري ۽ اجالا پروين جي اغوا،بدامني لاقانونيت سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان، 48 ھين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مظاھرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جي تعلقي لطيف آباد جي علائقي ڳوٺ الله بخش سولنگي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير احمد بلیدی،بابو ميمڻ،خير محمد چانڊيو،بابو سولنگي، سرور ملاح، جمن سولنگي، شمن چانڊيو،راجا چانڊيو، محمد طاھر علي گھانگھرو،امام بخش سولنگي، علڻ سولنگي خدا ڏنو سولنگي ۽ ٻين اڳواڻي ڪئي.سکر ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن ايڊووڪيٽ ظفر علي چنا، ايڊووڪيٽ زاهد ڀنڀرو،سڪندر لاشاري، ڊاڪٽر وزير گهنيو، سيد واجد بخاري، امداد سومرو، سيد عنايت شاھ ۽ رضوان ھادي ڀٽ،انور مھر، عدنان سميع ڀٽو، محمد عمير ڪاڪيپوٽو، محمد عامر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايوب گيٽ سکر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ميرواھ گورچاڻي شھر ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ رٻاري، ڪامريڊ رازومل ڪولھي، حسين خاصخيلي، نواب بنگلاڻي، خادم حسين لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽالپور مارڪيٽ کان مين بس اسٽاپ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊو آدم ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر زبير احمد ماڪوڙاڻي، محمود رخشاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو،امجد اسلام ماڪوڙاڻي، اساما ماڪوڙاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ محمدي چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. لکي غلام شاھ ۾ نهال خان ڀنڀرو، شاهنواز ابڙو، خير محمد ناپر، ڊاڪٽر اسماعيل شيخ، عامر بابلاڻي، رفيق احمد ڪمبوه، آڪاش ڪمبوہ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪڙيو گهنور ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو صدر گيانچند مهيشوري، امام علي شاھ، شاهنواز ڪنڀر،حسين مهيري، عابد علي چانڊيو، اسماعيل مهيري سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻ فائزا ٽالپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نظاماڻي پمپ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن تہ حيدرآباد ۾ 31 جولاءِ تي سنڌياڻي تحريڪ پاران حيدرآباد سٽي گيٽ کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ ڪيو ويندو. مارچ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سنڌياڻي تحريڪ (QAT) جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي اڳواڻ رخسانا بھلڪاڻي، بختاور بھلڪاڻي ھٽڙي ڀرسان ڳوٺ صالح ٻاگھل، ڳوٺ گيلو نوناري ۽ ڳوٺ محمد بخش ٻھرام جو دورو ڪيو ۽ مارچ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ قومي حقن جي تحفظ لاءِ سنڌي عوام ۾ شعور بيدار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. متحد ۽ مضبوط سنڌ آگاهي مهم جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي درپيش مسئلن، سنڌ دشمن منصوبن ۽ قومي حقن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. اڳواڻن چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي، ان دوران پنجاب وري تڪراري جلالپور ڪينال سميت ڌاڙيل ڪينال چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيا آھن، ارسا پاڻي چوري ۾ سھولت ڪار بنيل آھي. سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻجي وئي آھي. ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ڳالھائڻ بدران گم آھي. پنجاب سدائين ڏاڌ مڙسي ذريعي سنڌ جو پاڻي چورائيندو رھيو آھي. سنڌ جي زراعت کي، آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن. سنڌ ۾ نياڻيون قتل ٿي رھيون آھن.اغوا ڪري زبردستي انهن جو مذھب تبديل ڪيو پيو وڃي. پريا ڪماري، فضيلا سرڪي، اجالا سولنگي سميت ڪيتريون اغوا ٿيل نياڻيون ٻار بازياب نٿا ڪرايا وڃن سنڌ ۾ جمھوريت ناھي. پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آمريت قائم ڪري ڇڏي آهي. 28ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ملڪ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي.28ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ٿيو تہ حڪمران ھلي نہ سگھندا. اڳواڻن چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 18 سالن کان مٿي حڪمراني سنڌ کي ترقي ڏيڻ بجاءِ سنڌ کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھنن سنڌ ۾ بادشاھت قائم ڪري ڇڏي آهي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڏوھارين جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، سنڌي ماڻھو سرداري ئي جاگيرداري نظام ۾ يرغمال ھجن، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن سنڌ جون حالتون خراب آھن. پيپلز پارٽي اقتداري مفادن خاطر سنڌ جي بقا داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي سنڌ حڪومت آمريت جي حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
تمر جو عالمي ڏينهن، ڪراچي يونيورسٽي جي شاگردن پاران ابراهيم حيدري جي ٻيٽن تي هزارين تمر جا ٻوٽا پوکيا ويا
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايجوڪيشن سٽي منصوبي بابت اهم اجلاس، قديم ڳوٺن جي تحفظ ۽ مالڪاڻي حقن تي زور
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽي جي جنرل باڊي جو اجلاس, تنظيمي معاملن بابت اهم فيصلا
26th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ سگا پاران سنڌ اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي لڳل ڌرڻي جي ڪيمپ جو دورو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي مختلف شھرن
0 تبصرے