English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پاڻي کوٽ، جلال پور ڪئنال ۽ سنڌو تي ڌاڙي خلاف مظاھرا
15 views
|
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنڌڪوٽ، مٽياري، حيدرآباد، ملير ۽ ٻين شھرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، عورتون بھ شريڪ
حيدرآباد (بيورو) جلال پور ڪينال، سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، جلال پور ڪئنال، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ذوالفقار آباد، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، پريا ڪماري ۽ اجالا پروين جي اغوا،بدامني لاقانونيت سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان، 46 ھين ڏينھن بہ سنڌ جي مختلف شھرن ۾ پيادل مارچ ۽ مظاھرا ڪيا ويا.ان سلسلي ۾ ڪنڌ ڪوٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ ڪنڌڪوٽ ضلعي صدر سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، شاھ علي سھرياڻي، ذريت بجاراڻي، ھيبت ڏھاڻي، رحمت ﷲ ڇڄڻ، فدا محمداڻي،امجد ملڪ، ادب سھرياڻي، حميد ملڪ، جيون سبزوئي، قدرتﷲ باجڪاڻي، شاھد سھرياڻي، سرور جعفري، نياز ڀيو،سرور گاجاڻي ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي زيب سجاد، مسڪان سڄاڳ سھرياڻي، سوناري ڪور جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن گھنٽا گهر چوڪ ڪنڌ ڪوٽ کان متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ ڪيو ويو جيڪو شھر جي مختلف رستن ۽ چونڪن کان ٿيندو پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ پھتو جتي ڌرڻو هنيو ويو. مٽياري ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران شھيد بينظير چوڪ کان مٽياري پريس ڪلب تائين متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ ڪڍيو ويو آهي جنهن جي اڳواڻي سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح، قومي عوامي تحريڪ ضلعي مٽياري جو صدر نعيم جان خاصخيلي، فريد حسين ملاح، عبدالغفور کوسو،علي حسن سولنگي،اشرف حاجاڻو، علي اصغر مشوري، توقير سولنگي،الطاف کوسو، سڄاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻ جاگير حسين ملاح، شاھد سولنگي ۽ ٻين ڪئي. حيدرآباد جي تعلقي قاسم آباد جي علائقي گدوناڪو ۽ پٺاڻ ڳوٺ ۾ قومي عوامي تحريڪ متحد ۽ مضبوط سنڌ آگاهي مهم جي سلسلي ۾ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي صدر نظير بليدي،بابو ميمڻ، نور حسن جمالي،راجا چانڊيو، نادر مغيري، جهانگير پٺاڻ، لياقت چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هوٽلن، دڪانن ۽ مختلف عوامي هنڌن تي هينڊ بل ورهائي عوام ۾ آگاھي ڏني وئي.ملير ڪراچي زون ايريا جي ڀرسان مجيد ڪالوني ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ صاحب، ڪاشف خاصخيلي،جنسار ھيسباڻي، ايڊوڪيٽ سانول گوپانگ، شھمير اوٺو، دلاور ھيسباڻي، عبدالرشيد گوپانگ، لڇمڻ سنڌي، افضل گوپانگ، سانوڻ ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ متحد ۽ مضبوط سنڌ مھم جاڳرتا جا ھينڊ بل ورھايا. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙ خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جا ايم پي اي، ايم اين اي، وزير، وڏيرا،سردار، جاگيردار پنھنجون رياستون ٺاھي ويٺل آھن. سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڄ آھي.سنڌ ۾ قانون ۽ آئين جي حڪمراني ناھي.سنڌ ۾ سڀني لاءِ قانون برابر هئڻ گهرجي، وزيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز، سردارن،وڏيرن لاء هڪڙو قانون ۽ غريب عوام لاء ٻيو قانون هجي اهو ٻٽو معيار ڪنهن بہ صورت ۾ قبول نہ آهي. فرحان لاڙ چيو تہ سنڌ ۾ سرڪار جي رٽ نظر نٿي اچي. سنڌ جي عوام کي ڏوھارين، ڀوتارن، لٺ سردارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. سنڌ پوليس عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ بدران ڏوھارين جي سرپرستي ڪري رھي آھي. وزير ۽ ڪامورا عوام جي ٽئڪس سان ھلن ٿا، اھي پاڻ کي بادشاھ سمجھڻ ڇڏي ڏين۔ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ڪرسي ناھي۔ عوام کي وڏي طاقت آھي۔ سنڌي ماڻهن کي لتاڙڻ ۽ نظرانداز ڪرڻ بند ڪيو وڃي۔قومي عوامي تحريڪ ضلعي ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور جي صدر سجاد بروھي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آھي، ان دوران پنجاب وري تڪراري جلالپور ڪينال سميت ڌاڙيل ڪينال چشما جهلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال کولي ڇڏيا آھن، ارسا پاڻي چوري ۾ سھولت ڪار بنيل آھي. سنڌ حڪومت خاموش تماشائي بڻجي وئي آھي. ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو ڳالھائڻ بدران گم آھي. پنجاب سدائين ڏاڌ مڙسي ذريعي سنڌ جو پاڻي چورائيندو رھيو آھي. سنڌ جي زراعت کي، آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن. سنڌ ۾ نياڻيون قتل ٿي رھيون آھن.اغوا ڪري زبردستي انهن جو مذھب تبديل ڪيو پيو وڃي. پريا ڪماري، فضيلا سرڪي، اجالا سولنگي سميت ڪيتريون اغوا ٿيل نياڻيون ٻار بازياب نٿا ڪرايا وڃن سنڌ ۾ جمھوريت ناھي. پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت آمريت قائم ڪري ڇڏي آهي. 28ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ملڪ دشمن سازش ڪئي پئي وڃي.28ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت تي حملو ٿيو تہ حڪمران ھلي نہ سگھندا. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ مسڪان سجاڳ سھرياڻي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ دشمن سنڌين جي طاقت کان خوفزده ٿي ان کي ٽوڙڻ چاھين ٿا. ان لاءِ انتهاپسندي جي باھ جي ڀڙڪايو وڃي ٿو. قبلائيت کي ھوا ڏني وڃي ٿي. خوني قبيلائي دھشتگردي ڪرائي ماڻھو قتل ڪرايا وڃن ٿا. سنڌي نياڻين کي قومي حقن جي جدوجھد کان لاتعلق ٿيڻ بدران ان ۾ شامل ٿيڻ گهرجي . قومي جدوجھد کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ٻيو ڪو بہ رستو ناھي. قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت 18 سالن کان مٿي حڪمراني سنڌ کي ترقي ڏيڻ بجاءِ سنڌ کي تباھي جي ڪناري تي بيھاري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي ڪوڙي جمھوريت جي دعويدار آھي، ھنن سنڌ ۾ بادشاھت قائم ڪري ڇڏي آهي پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت چاھي ٿي تہ سنڌ ۾ قبيلائي رتوڇاڻ ھجي، ڏوھارين جو راڄ ھجي، لاقانونيت ھجي، جھالت ھجي، سنڌي ماڻھو سرداري ئي جاگيرداري نظام ۾ يرغمال ھجن، دھشت واري ماحول ۾ ماڻھو خاموش ۽ قيد ھجن سنڌ جون حالتون خراب آھن. پيپلز پارٽي اقتداري مفادن خاطر سنڌ جي بقا داءُ تي لڳائي ڇڏي آهي سنڌ حڪومت آمريت جي حڪومتن جو تسلسل ثابت ٿي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پاڻي کوٽ
0 تبصرے