English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ويجھو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙھائي، سمورا گھر ڊاھي پٽ، متاثرن جو 3 ڪلوميٽر مارچ
25 views
|
23rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
متاثرن پاران سياسي سماجي ڌرين عورتن توڙي ٻارڙن سميت 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ٺٽي ۾ ڌرڻو ھنيو ويو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي) ٺٽي لڳ ڳوٺ عارب سولنگي تي صبح سويل ٿيل پوليس گردي خلاف متاثر ڳوٺاڻا عورتن ۽ ٻارڙن سميت روڊن تي نڪري آيا، ڳوٺ عارب سولنگي کان پريس ڪلب ٺٽي تائين سخت گرمي ۾ 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ شروع ڪري پوليس گردي خلاف سخت نعريبازي ڪري پريس ڪلب ٺٽي اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، جنھن احتجاجي مارچ جي اڳواڻي جيئي سنڌ محاذ جو وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي، ايس ٽي پي ضلعي صدر سيد جلال شاھ، عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر عبدالرزاق چانڊيو، جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري راول ڪرناڻي، سينيئر وڪيل اشرف سمون، پريس ڪلب ٺٽو صدر اقبال جاکرو، سينيئر صحافين حاجن سولنگي، محبوب بروھي، قومي عوامي تحريڪ مرڪزي اڳواڻ ياسر جاکرو، سماجي اڳواڻ محمد حسن سمون، مير علي سولنگي، محمد خان ملاح، محمد حسن سولنگي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. احتجاجي ڌرڻي کي جسم اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، سيد جلال شاھ، اقبال جاکرو، محبوب بروھي، وڪيل اڳواڻن اشرف سمون، پنھون عقيلي، سولنگي برادري جي سردار زبير سولنگي، سماجي اڳواڻ جاويد سمون، پ پ اڳواڻ حاجي گل محمد سمون، محمد حسن سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو تہ ٺٽو پوليس عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪندي ڳوٺ عارب سولنگي جي ڳوٺاڻن سان بربريت قائم ڪئي آھي، پوليس جي اھڙي ڪاروائي جي نہ رڳو مذمت ڪريون ٿا پر ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائڻ سان گڏ عدالت ۾ پڻ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي. ھنن چيو تہ ڳوٺ عارب سولنگي جا رھواسي ھڪ صدي کان ڳوٺ آباد ڪري رھي رھيا آھن، جن کي پنھنجو حق ملڻ گھرجي پر ٺٽو پوليس ونگارو بڻجي سڄو ڳوٺ ئي ڊاھي مسمار ڪري ڇڏيو آھي. ھنن چيو تہ متاثر ڳوٺاڻن کي ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نہ ڇڏيو ويندو، سندن ھر ممڪن مدد ڪئي. ويندي، سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پڻ پوليس جي ڪاروائي خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويندو. ھنن گھر ڪئي تہ ڳوٺ عارب سولنگي ۾ ٿيل پوليس گردي جو نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن سان ٿيل ناانصافين توڙي نقصان جو ازالو ڪرائي کين بيدخل ٿيڻ پان بچايو وڃي. ان موقعي تي متاثر ڪيترن ئي عورتن دانھيندي چيو تہ پوليس ساڻن وڏي زيادتي ڪري سندن سڀ ڪجھ زبردستي کڻي ويئي اھي، جنھن ڪري ھاڻي وٽن کائڻ توڙي پائڻ لاء بہ ڪجھ ناھي رھيو، ھنن پڻ وس وارن کان انصاف جو مطالبو ڪندي تحفظ مھيا ڪرڻ جي گھر ڪئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ويجھو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چ
0 تبصرے