English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جيئي سنڌ محاذ پاران پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاءِ آچر تي سڄي سنڌ ۾ مظاھرن جو اعلان
108 views
|
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( شفيق ڀٽي)جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سيد نواز شاهه ڀاڏائي اعلان ڪيو آھي تـ پريا ڪماري ۽ ٻين ٻارڙن جي بازيابي لاء 19 جولاء آچر جي ڏينھن سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويندا جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ نواز شاهه ڀاڏائي چيو تـ سنڌ ۾ قانون نالي ڪا شيء ناھي 17 ٻار اغوا ڪري گم ڪيا ويا آھن پر حڪومت نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي پريا ڪماري اجالا سولنگي ۽ نويد لاشاري سميت مليل انگن اکرن مطابق 17 ٻار مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان ڏوھارين اغوا ڪيا آھن پر سرڪاري سطحي تي ڪا سنجيندگي ظاھر نٿي ٿئي انصاف بي معني بڻيل آھن مغوي ٻارڙن جا وارث گذريل 20 ڏينھن کان ٻٻرلوء باء پاس تي ڌرڻو ھڻي ويٺل آھن پر گھرو وزير ۽ آء جي سميت تڪ جو ڪو چونڊيل نمائيندو وٽن سکڻي آٿت ڏيڻ لاء بـ لڙي ناھي آيو حڪمران بيحس بڻجي چڪا آھن غير سنڌي ٻاھران اچي حڪومتي رٽ کي چلينج ڪري پنھجا اغوا ٿيل ماڻھو آزاد ڪرائي ٿا وڃن پر سنڌ جا شھري پرامن طريقي سان احتجاج پيا ڪن سندن آواز ٻڌڻ لاء ڪو تيار ناھي ھن سوال اٿاريو تـ ملڪ جا انٽليجنس ادارا ڪٿي آھن ڇو نٿا ھن ڳنڀير صورتحال ۾ پنھجو ڪردار ادا ڪن سنڌ جا ماڻھو بـ ھن فيڊريشن جو حصو آھن انسان آھن کين پنھجي جگر جي ٽڪرن کان جدا ڪيو ويو آھي وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون خاموش آھن نواز شاهه ڀاڏائي چيو تـ پريا ڪماري سميت سمورن گم ڪيل معصوم ٻارڙن جي آزادي لاء 19 جولاء تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين سنڌ جا ماڻھو ڀرپور نموني شرڪت ڪن ٻٻرلوء ڌرڻي ۾ ويٺل نياڻين ۽ مغوين جي وارثن کي يقين ٿو ڏياريان تـ ھو اڪيلا ناھن سندن پيارن جي واپسي لاء جيئي سنڌ محاذ ساڻن گڏ آھي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
27th Jul 2026
•
پاکستان
اوورسیز پاکستانی ملکی معیشت کو مستحکم بنانے میں کلیدی کردار ادا کر رہے ہیں: ڈاکٹر پرویز اقبال لوہسر
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
آبادگارن کي پريشان ڪيو پيو وڃي: پروفيسر عبدالسميع ڀنڀرو
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي، 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ استادن جو 2023 جي آدمشماري جو معاوضو نھ ملڻ خلاف احتجاج
28th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ايس ٽي پي پاران سنڌوءَ جي تحفظ لاءِ 2 آگسٽ تي ريلي ڪڍڻ جو اعلان
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جيئي سنڌ محاذ پاران پريا ڪماري ۽
0 تبصرے