English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ۾ واپارين پاران پوليس خلاف شٽر ڊائون هڙتال ۽ احتجاج
115 views
|
15th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
موبائيل شاپ تان ڦر ڪندر جوابدار گرفتار نھ ٿيڻ تي واپارين ۽ دڪاندارن احتجاج ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ۾ موبائيل فون جي دڪان تي ٿيل ڦر جي واقعي کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدارن جي گرفتاري نه ٿيڻ تي واپاري برادري پوليس جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ۽ پرامن ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو واپاري اڳواڻن چيو ته واقعي جون واضح سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ جوابدارن جون تصويرون سامهون اچڻ باوجود پوليس اڃا تائين ڪا اهم اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، جنهن سبب واپارين ۾ سخت بيچيني پکڙيل آهي. هنن چيو ته واقعي کي چار ڏينهن گذري چڪا آهن، پر پوليس پاران ڪو واضح موقف سامهون نه آيو آهي، تنهن ڪري واپاري برادري احتجاج ۽ دڪانون بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن متاثر واپاري کي انصاف ملي سگهي واپاري اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جوابدارن جون تصويرون انتهائي واضح آهن ۽ واقعي جي وڊيو سڄي ملڪ ۾ وائرل ٿي چڪي آهي، تنهن هوندي به پوليس جوابدارن جو رڪارڊ ۽ ڊيٽا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي. جيڪڏهن اهڙن واضح ثبوتن باوجود ڪارروائي نه ٿئي ته واپارين جي جان ۽ مال جي تحفظ بابت وڏا سوال اڀرن ٿا. احتجاج دوران واپارين انصاف ڏيو، واپاري کي انصاف ڏيو جا نعرا هنيا ۽ سموري واپاري برادري کي شٽر ڊائون هڙتال ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته پوليس فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر واپاري کي انصاف فراهم ڪري ۽ واپارين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائي. واپاري برادري خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جوابدارن کي جلد گرفتار نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: گلشن حديد ۾ واپارين پاران پوليس
0 تبصرے