English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ميونسپل ڪميٽي جي 81ڪروڙ 48 لک 24 ھزار 207 رپين جي بجيٽ پيش
61 views
|
14th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
بجيٽ ۾ ھڪ لک 74 ھزار 207 رپيا بچت ڏيکاري وئي، ترقياتي ڪمن لاءِ 41 ڪروڙ 25 لک رپيا مختص
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جو سال 2026-27 جي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ سيف الله خالد سراج سومرو جي صدارت ھيٺ ميونسپل ڪميٽي جي ھال م ڪوٺايو ويو، بجيٽ اجلاس ۾ ميمر سنڌ اسيمبلي PS-50 عمرڪوٽ سيد امير علي شاھ اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي. جڏھن تہ وائيس چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ ڪمار ٽلواڻي، چيف آفيسر ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ محمد شريف ناريجو، ميمبرن برھان الدين ڪنڀر، شوڪت اڌيپوري،رميش ڪمار بجير، دليپ مولچنداڻي، ليکراج مالھي، ڊاڪٽر گھمشام بجير، آپا ملڪا ولھاري، سميت ٻين ميمبرن، ٽيڪسيشن آفيسر عمرڪوٽ اويس سميجو، سميت صحافين پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ سيف الله خالد سراج سومرو سال 2026-27 جي پيش ڪئي جنهن ۾ ٽوٽل بجيٽ 81,48,24,207 روپيا، ٽوٽل خرچ 81,46,50,000 جڏهن تہ 1,74,207 روپيا بجت آھن. ترقياتي ڪمن لاءِ 41,25,00,000، ملازمن جي پگهارن لاءِ 21,12،00,000، رٽائرڊ ملازمن جي پينشن لاءِ 85,00,000 ۽ گرانٽ جي مد ۾ 48,00,000 روپيا رکيا ويا آهن جنهن ۾ پريس ڪلب لاءِ 5,00,000 سوشل ايڪٽوٽي لاءِ 28,00,000 ۽ راندين لاء 15,00,000 مختص ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ خالد سراج سومرو چيو تہ سال 2026-27 جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪري رهيا آھيون، ڪو بہ نئون ٽيڪس نہ لڳايو آھي، عمرڪوٽ کي خوبصورت بنائڻ لاءِ بھتر قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن تہ صفائي سٿرائي جي نظام پن بھتر ڪرڻ لاء ڪوششون ڪري رهيا آهيون، خالد سراج سومرو چيو تہ نئين ڀرتين تي پابندي ھجڻ ڪري نيون ڀرتيون نہ ٿي سگھيون آهن جنهن سان شھر جي صفائي ۾ مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ان موقعي تي مئنيجمينٽ پريس ڪلب عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي پريس ڪلب ۽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي اسپورٽس ايڪٽوٽي لاءِ رقم مختص ڪرڻ تي چيئرمين ميونسپل ڪميٽي ۽ ايوان جو شڪريو ادا پڻ ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: ميونسپل ڪميٽي جي 81ڪرو
0 تبصرے