ڏوڪري ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

آبادگارن، ھارين ۽ سول سوسائٽي طرفان علي پارڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي

ڏوڪري ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

ڏوڪري(اطهر ميمڻ) سنڌ ھاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ پاڻي جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ھاري جي ڪارڪنن سول ۽ سوسائٽي طرفان علي پارڪ کان ڏوڪري پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي آهي. سنڌ ھاري ڪاميٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر غلام حسين مڪول، جنرل سيڪريٽري عاجز ماڇي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سموري سنڌ ۾ هن سال به پاڻيءَ جي شديد هٿرادو کوٽ انتهائي ڳڻتي جهڙي صورتحال اختيار ڪندي پئي وڃي.جنهن ڪري آبادگار ۽ ھاري سارين جو ٻيجارو به پوکي ناهن سگهيا. ھنن چيو ته ارسا جي تازن انگن اکرن موجب سنڌ کي حصي کان 37 سيڪڙو پاڻي گهٽ ڏنو پيو وڃي، جنهن ڪري هينئر تائين سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ساريالي فصل لاءِ پاڻي نہ هجڻ سبب ٻيجارو ٻہ پوکجي ناهي سگهيو. دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال جا لکين هاري ۽ آبادگار جن جو روزگار جو ذريعو چانور ۽ ٻين فصلن تي آهي، انهن جي بي روزگار ٿيڻ جو خدشو وڌندو پيو وڃي.ارسا جي بد انتظامي ۽ پاڻيء جي ورڇ جي سلسلي ۾ سالن کان ٿيندڙ ڀڃ ڪڙيون جاري آهن، سنڌ جي طئي ٿيل حصي مان پنجاب پاڻي غير قانوني طور چوري ڪري رهيو آهي. باقي بچيل پاڻيءَ تي مقامي با اثر پنهنجو ناجائز اثر استعمال ڪندي دادو ڪئنال ۽ رائس ڪئنال مان وارا بندي جي ڍونگ ذريعي پاڻي چوري ڪري رهيا آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حالت اها آهي ته ملڪ جو معاشي طور ڏيوالو نڪري چڪو آهي، ۽ حڪمران ملڪ جا قيمتي اساسا نجڪاري ڪري ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري رهيا آهن. زرعي معيشت جيڪا ملڪ جي بنيادي پئداوار جو ذريعو آهي تباهيءَ ڪناري پهچي چڪي آهي. ان کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه پيا ورتا وڃن ۽ آءِ ايم ايف جي پيرن تي ڪري ڳرن شرطن تي قرض ورتو پيو وڃي. نااهل حڪمرانن جي اهڙن ڪريل حرڪتن ۽ غير منصفاڻي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن گهر ڪئي ته سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏياريو وڃي ۽ پاڻي جي غير قانوني چوري فورن بند ڪري بنا ڪنهن رڪاوٽ جي حصي موجب پاڻيءَ ڏياري پڇڙي جي هارين ۽ آبادگارن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي.