پ پ جهڙي ريت اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ان جو مثال نٿو ملي: گيانچند ايسراڻي

گيانچند ايسراڻي بابا سري چند درٻار جي تعمير، مرمت ۽ هال جي تعمير جو معائنو ڪيو

پ پ جهڙي ريت اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو ان جو مثال نٿو ملي: گيانچند ايسراڻي

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)پاڪستان پيپلز پارٽي جهڙي ريت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جو تحفظ ڪيو آهي ان جو مثال نه ٿو ملي. گيانچند ايسراڻي، ٺٽي ۾ صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي بابا سري چند درٻار جي تعمير، مرمت ۽ هال جي تعمير ۽ گهارو ۾ گرو نانڪ مندر ۾ سولر سسٽم لڳائڻ ۽ ترقياتي اسڪيم جو افتتاح. اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جو جنهن طرح تحفظ ڪيو آهي ان جو مثال نٿو ملي. اهڙن خيالن جو اظهار صوبائي وزير ٺٽي ۾ بابا سريچند درٻار جي تعمير، مرمت، هال جي تعمير ۽ گهارو ۾ گرو نانڪ مندر ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي ترقياتي اسڪيم جو افتتاح ڪندي ڪيو. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جنهن انداز ۾ اقليتن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ ان لاءِ قانون سازي ۽ عملي قدم کنيا آهن ان جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اقليتن جي مسئلن کي اوليت ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه اقليتي عوام جي حقن جي نمائندگي ڪئي آهي. صوبائي وزير جو چوڻ هو ته سڄي سنڌ ۾ اقليتي برادري جي عبادتگاهن تي ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن، اقليتي معاملن واري کاتي سموري سنڌ جي اقليتي برادري جي عبادتگاهن کي خوبصورت ۽ ست سنگ هالز جي تعمير جي ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم مڪمل ڪيو آهي. جڏهن ته هن سال به مالي مدد سميت نيون ترقياتي رٿائن تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. بعد ۾ منصوبن جي افتتاح کانپوءِ ملڪ جي ترقي ، خوشحالي ۽ پيپلزپارٽي جي قيادت آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر جي صحتيابي ۽ عمر درازي جي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي.