English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ پ پ هاري ونگ جي سڏ تي وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ وفاقي حڪومت جي پاليسين خلاف احتجاج
198 views
|
17th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب غريب ۽ مزدور طبقو سخت پريشان آهي، عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل آهن: اڳواڻ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي هاري ونگ عمرڪوٽ جي سڏ تي ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ وفاقي حڪومت جي معاشي پاليسين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران ڪارڪنن ۽ عهديدارن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي وفاقي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪندي عوامي مسئلن جي حل جو مطالبو ڪيو، احتجاجي مظاهري ۾ هاري ونگ جي ضلعي صدر واحد سمون، منٺار آريسر، گهنشام بجير، نورجهان ڳيلهڙو، نندلال ميگهواڙ، عبدالله کوسو، امين پلي، ھريرام گوئل، چيتن ڪولھي، شوڏان، ڪانجي ميگهواڙ، آمي ڀيل، محمد يوسف سميت وڏي انگ ۾ پارٽي عهديدارن، ڪارڪنن ۽ هارين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي غريب، مزدور ۽ پورهيت طبقي جي زندگي اجيرڻ بڻائي ڇڏي آهي، هنن چيو ته اٽو، کنڊ، گيهه، بجلي، گئس، پيٽرول ۽ روزاني استعمال جي ٻين شين جا اگهه عام ماڻهون جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن، جنهن سبب غريب ماڻهو ذهني اذيت ۽ معاشي بحران جو شڪار بڻيل آهن، ھنن چيو ته وفاقي حڪومت جون معاشي پاليسيون مڪمل طور ناڪام ٿي چڪيون آهن، جن جو سڌو بار عام ماڻهون تي پئجي رهيو آهي، جڏهن ته هاري، مزدور ۽ پورهيت طبقو مسلسل نظرانداز ٿيڻ سبب سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي، هنن چيو ته زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهون پڻ سخت بحران مان گذري رهيا آهن، پر حڪومت وٽ سندن مسئلن جي حل لاءِ ڪا سنجيده حڪمت عملي نظر نٿي اچي، مظاهرين وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته وڌندڙ مهانگائي تي فوري طور ضابطو آندو وڃي، روزگار جا موقعا پيدا ڪري عوام کي ترت رليف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ضلعي کان صوبي ۽ ملڪ جي سطح تائين وڌايو ويندو، احتجاج دوران ڪارڪنن وفاقي حڪومت خلاف زوردار نعريبازي ڪندي عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي قدم کڻڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Sep 2026
•
سندھ
لاڑکانہ: تین بچے پراسرار طور پر لاپتا، اہلِ خانہ پریشانی میں مبتلا
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد میں بارش نے تباہی مچا دی، سڑکیں تالاب کا منظر پیش کرنے لگیں، فوج تعینات
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد ہائی کورٹ کا عمران خان کی اہلِ خانہ سے ملاقات اور بیٹوں سے فون پر بات کرانے کا حکم
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
سندھ حکومت کا بلدیاتی نظام میں بڑی تبدیلیوں پر غور، بلدیاتی انتخابات کے حوالے سے اہم فیصلہ
01st Sep 2026
•
سندھ
لاڑکانہ: تین بچے پراسرار طور پر لاپتا، اہلِ خانہ پریشانی میں مبتلا
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد میں بارش نے تباہی مچا دی، سڑکیں تالاب کا منظر پیش کرنے لگیں، فوج تعینات
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد ہائی کورٹ کا عمران خان کی اہلِ خانہ سے ملاقات اور بیٹوں سے فون پر بات کرانے کا حکم
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
سندھ حکومت کا بلدیاتی نظام میں بڑی تبدیلیوں پر غور، بلدیاتی انتخابات کے حوالے سے اہم فیصلہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ پ پ هاري ونگ
0 تبصرے