عبدالحميد جيسر ۽ سيف الله سومرو پ پ اميدوار پرهه ڍڪڻ ۽ قاضي ديدار جوڻيجو کي شڪست ڏني
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي چيئرمين تي انڙ گروپ جو اميدوار عبدالحميد جيسر وائيس چيئرمين سيف ﷲ سومرو جي پيپلزپارٽي چيئرمين اميدوار پرھ ڍڪڻ ۽ وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ قاضي ديدار احمد جوڻيجو کي 9 ووٽ تان شڪست ڏئي ڇڏي. آر او اورنگزيب سمون، لوڪل گورنمينٽ جي اسٽنٽ ڊائريڪٽر قاضي راشد احمد جوڻيجو، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي جي نگراني ۾ ڏوڪري جي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ جي ڊي اي انڙ گروپ جو اميدوار عبدالحميد جيسر 12 مان 9 ووٽ کڻي چيئرمين چونڊجي ويو آھي. ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين لاءِ جي ڊي اي اميدوار سيف ﷲ سومرو 12 مان 9 ووٽ کڻي وائيس چيئرمين چونڊجي ويو. جڏهن تہ پيپلزپارٽي طرفان چيئرمين جي اميدوار پرھ ڍڪڻ ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار قاضي ديدار صرف 3 ووٽ کنيا. جڏهن ته انتظاميا طرفان پوليس اهلڪار مقرر ڪري حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا. ھوڏانھن جي ڊي اي انڙ گروپ جي ڪاميابي کان پوءِ ڏوڪري جو عوام روڊن تي نڪري آيو دھل ۽ شرنائن سان عادل الطاف حسين انڙ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ عادل الطاف حسين انڙ، چيئرمين عبدالحميد جيسر، وائيس چيئرمين سيف ﷲ سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪري واسين جي مليل محبت کي هيمشہ ياد رکيو ويندو، ڏوڪري تعلقي جو عوام انقلابي عوام آهي اقتداري ۾ ويٺلن کي شڪست ڏئي اسان جي اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو آهي. هنن چيو ته اسان ڏوڪري تعلقي جي عوام جا شڪرگذار آهيون ڏوڪري واسين سان هر موڙ تي گڏ آهيون. هنن چيو ته علي آباد وانگر اسان جو ڏوڪري به گهر آهي ۽ گهر جو خيال رکڻ اسان جو فرض آهي.
0 تبصرے