English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: آچار سالار ڳوٺ جي رهواسين جو سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج
79 views
|
04th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ : عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي آچار سالار جي رهواسين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي مقامي ورڪرن بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف وڏي تعداد ۾ گهڙڻ کان ٻاهر نڪري گڏ ٿي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو۔ مظاهرين پيئڻ جي صاف پاڻي جي شديد کوٽ، تباهه ٿيل تعليمي نظام، جھولي واري پل جي اڌوري تعمير، سالن کان بند اسپتال، غير فعال ڪميونٽي سينٽر ۽ بند پيل انڊسٽريل هوم خلاف زوردار نعريبازي ڪئي۔ احتجاج يونين ڪميٽي گھگھر ۽ صوبائي تڪ PS-85 جي چونڊيل نمائندن، ايم پي اي ساجد جوکھیو، چيئرمين محمد اڪبر ڪلمتي، وائيس چيئرمين عبدالستار خليفو ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪيو ويو۔ مظاهرين الزام لڳايو ته علائقي کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔احتجاج کي خطاب ڪندي اڳوڻي نائب صدر پيپلز پارٽي ضلعي ملير محمد سليم سالار ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته ڳوٺ آچار سالار کي بنيادي انساني سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي۔ هنن چيو ته علائقي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي سخت کوٽ آهي، جڏهن ته تعليمي نظام مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي، جنهن سبب ٻارن جو مستقبل خطري ۾ آهي۔ مقررِين وڌيڪ چيو ته جھولي واري پل جو ڪم ڊگهي عرصي کان اڌورو پيل آهي، جنهن ڪري رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفون پيش اچي رهيون آهن۔ هنن ٻڌايو ته ڳوٺ جو واحد اسپتال ڪيترن سالن کان بند آهي ۽ ڪميونٽي سينٽر به غير فعال آهي، جنهن ڪري مريضن کي علاج لاءِ پري پري علائقن ڏانهن وڃڻو پوي ٿو۔مظاهرين جو چوڻ هو ته گريڊ 1 کان 4 تائين سرڪاري نوڪرين ۾ مقامي نوجوانن کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي، جيڪا کليل ناانصافي آهي۔محمد سليم سالار چيو ته:اسان پيپلز پارٽي جا پراڻا ڪارڪن آهيون، پر افسوس جو اسان جا پنهنجا چونڊيل نمائندا ئي اسان کي وساري ويٺا آهن۔ ڳوٺ آچار سالار کي ڄاڻي واڻي ترقياتي ڪمن کان محروم رکيو ويو آهي۔احتجاج ۾ علائقي جي بزرگن، نوجوانن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي ايڪتا جو اظهار ڪيو۔ مظاهرين اعليٰ قيادت ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور مسئلن جو نوٽيس ورتو وڃي۔هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن بند اسپتال نه کوليو ويو، پل جي تعمير مڪمل نه ڪئي وئي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني نه بڻائي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ۽ سخت لائحه عمل اختيار ڪيو ويندو۔ان موقعي تي در محمد جوکھیو، الھپيرايو جوکھیو، ظهير جوکھیو، زاهد جوکھیو، فريد جوکھیو، حبيب الله جوکھیو، اسحاق جوکھیو، منير جوکھیو، اعظم جوکھیو، مٺو جوکھیو، شير علي جوکھیو، ممتاز جوکھیو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: آچار سالار ڳوٺ جي رهواسين جو سه
0 تبصرے