English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ فلڪ ناز جي رهواسين جو سهولتن جي کوٽ خلاف ڌرڻو
176 views
|
03rd May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي شاهراهه لڳ گلشن حديد سامهون فلڪ ناز جي رهواسين بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف سخت احتجاج ڪندي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ٽريفڪ معطل ڪري ڇڏي، جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ مسافرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو۔احتجاج ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي ڪئي ۽ حڪومت خلاف سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو۔ ان موقعي تي اڳواڻن مظفر قريشي، نصير ڪُشڪ، سيف الله خميساڻي ۽ سرور نيازي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فلڪ ناز جي بلڊر سهولتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن خلاف عدالت وينداسين هنن چيو ته رهواسي ڪيترن ئي سالن کان بنيادي سهولتن کان محروم آهن، علائقي ۾ نه باقاعده بجلي جي فراهمي آهي ۽ نه ئي صاف پيئڻ جو پاڻي ميسر آهي۔ هنن چيو ته بار بار بلڊر ۽ لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب رهواسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ سندن چوڻ هو ته گرمي جي موسم ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ پاڻي جي کوٽ سبب ٻار، عورتون ۽ بزرگ سخت متاثر ٿي رهيا آهن۔ احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته علائقي جون روڊون پڻ ٽٽل ڦٽل آهن، نيڪال جو نظام خراب هجڻ سبب گهٽين ۾ گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو، جنهن ڪري بيمارين پکڙجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔ هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي علائقي ۾ بجلي، پاڻي ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔پوليس ۽ انتظاميا جي عملدارن واقعي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي ته سندن مسئلا اعليٰ اختيارين تائين پهچايا ويندا، جنهن کانپوءِ مظاهرين عارضي طور ڌرڻو ختم ڪري روڊ ٽريفڪ لاءِ کوليو، جڏهن ته هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جلد سندن مسئلا حل نه ڪيا ويا ته ٻيهر سخت احتجاج ڪيو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
شوبز
ملی الکاک کی سپر ہیرو فلم مشکلات کا شکار
01st Jul 2026
•
شوبز
ایملی بلنٹ کی نئی فلم نے شاندار آغاز کر دیا
01st Jul 2026
•
شوبز
کائلی جینر کا منفرد لباس ایک بار پھر موضوعِ بحث
01st Jul 2026
•
شوبز
انجلینا جولی نے ذاتی زندگی پر خاموشی توڑ دی
01st Jul 2026
•
شوبز
ملی الکاک کی سپر ہیرو فلم مشکلات کا شکار
01st Jul 2026
•
شوبز
ایملی بلنٹ کی نئی فلم نے شاندار آغاز کر دیا
01st Jul 2026
•
شوبز
کائلی جینر کا منفرد لباس ایک بار پھر موضوعِ بحث
01st Jul 2026
•
شوبز
انجلینا جولی نے ذاتی زندگی پر خاموشی توڑ دی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ فلڪ ناز جي رهواسين جو سهولتن
0 تبصرے