English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ پيرسن جو مرحوم پٽ جي سهري خلاف احتجاجي مظاهرو
163 views
|
01st May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول (رپورٽر) سجاول شهر جي رهواسي پيرسن غلام حسين رند پريس ڪلب سجاول ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سندس مرحوم پٽ شاهده رند، جيڪو ٻه سال اڳ وفات ڪري ويو هو، جي ملڪيت تي غيرقانوني قبضي جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. هن الزام هنيو ته شاهده رند جي سُهري پاران مٿس مسلسل دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته هو پلاٽ سندس نالي ڪري ڏئي، جڏهن ته مرحوم جا ٻار اڃا نابالغ آهن. هن وڌيڪ چيو ته شاهده رند پنهنجي حياتيءَ ۾ باقاعده لکت ۾ وصيت ڇڏي ويو هو، جنهن موجب سندس ملڪيت ٻارن جي بالغ ٿيڻ بعد انهن جي نالي منتقل ڪئي وڃي. پيرسن غلام حسين رند جو چوڻ هو ته سندس پٽ جو سُهرو پلاٽ وڪرو ڪرڻ جي ارادي سان اهو پنهنجي نالي ڪرائڻ چاهي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ مٿس بي بنياد الزام پڻ لڳائي رهيو آهي. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ ملوث شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
آسمان پر روشن آگ کا گولا دیکھ کر شہری خوفزدہ
01st Jul 2026
•
دلچسپ اور عجیب
صفائی کرنے والا ملازم کمپنی کا سربراہ بن گیا
01st Jul 2026
•
سائنس اور ٹیکنالوجی
سورج سے بھی قدیم مہمان نے سائنس دانوں کو حیران کر دیا
01st Jul 2026
•
سندھ
محکمہ اطلاعات و تعلقاتِ عامہ (ڈی جی پی آر) پنجاب کے وفد کا کراچی پریس کلب کا دورہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاول ۾ پيرسن جو مرحوم پٽ جي سهري
0 تبصرے