English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي شاندار ريلي، سوين مزدورن جي شرڪت
65 views
|
01st May 2026
•
سنڌي خبرون
عبدالخالق گندرو، اقبال جروار، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ ۽ ٻين ريلي جي اڳواڻي ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي مزدور تحريڪ پاران مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي رزاق آباد ۾ قومي شاهراھ کان عوامي پريس ڪلب ملير تائين هڪ وڏي ۽ ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عبدالخالق گندرو، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن اقبال جروار، ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، ضلعي صدر پرھ سومرو، محمد علي ساھڙ، عبدالجبار پليجو، ايڊووڪيٽ ساک سنڌو، ايڊووڪيٽ رستم ميراڻي سميت ٻين اڳواڻن ڪئي. ريلي ۾ وڏي انگ ۾ مزدورن، پورهيتن، شاگردن ۽ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ٻارڙن شرڪت ڪئي ريلي بعد پريس ڪلب ۾ سڏايل مزدور ميڙاڪو ڪيو ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته يومِ مئي شڪاگو جي شهيد مزدورن جي قربانين جي ياد ۾ ملهايو وڃي ٿو، جتي ظالم سرمائيدارن مزدورن جي پرامن جدوجهد کي رت ۾ ٻوڙي ڇڏيو، پر انهن قربانين مزدورن کي پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد جو شعور ڏنو.اڳواڻن چيو ته دنيا جي سموري ترقي مزدورن ۽ هارين جي پورهيي تي بيٺل آهي، پر افسوس جو مزدور اڄ به بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن. هنن چيو ته عالمي سطح تي ٿيندڙ هر بحران جو وڏو اثر مزدورن، هارين، ننڍن واپارين ۽ پورهيتن تي پوي ٿو، جڏهن ته پاڪستان ۾ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران هيٺين طبقي جي معاشي حالت وڌيڪ خراب ٿي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته سرمائيدار طبقي جو معيشت ۽ قانون ساز ادارن تي قبضو هجڻ ڪري مزدورن جا حق لتاڙيا پيا وڃن، جڏهن ته اجورن ۾ حقيقي اضافو نه ٿيڻ سبب مزدور سخت معاشي دٻاءُ جو شڪار آهن. اڳواڻن حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي چيو ته مزدورن کان روزگار جا بنيادي حق کسيا پيا وڃن، ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي زرعي مزدورن کي سندن وسيلن کان محروم ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته قومي ادارن جي نجڪاري فوري طور بند ڪئي وڃي ۽ مزدورن کي سندن آئيني حق فراهم ڪيا وڃن. ريلي جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي، مزدورن ۽ ڪاريگرن جي اجورن ۾ اضافو ڪيو وڃي، مقامي سطح تي صنعتون قائم ڪيون وڃن، سنڌي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪيو وڃي، صحت ڪارڊ جاري ڪيا وڃن، زخمي مزدورن جي بحالي لاءِ خاص فنڊ قائم ڪيا وڃن، بند پيل ڪارخانا ٻيهر کوليا وڃن ۽ مزدورن جي ڏهاڙي گهٽ ۾ گهٽ 2000 رپيا مقرر ڪئي وڃي.ريلي پرامن نموني پنهنجي منزل تي پهچي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، جتي اڳواڻن مزدورن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ سندن حقن لاءِ جدوجهد جاري رکڻ جو عزم ورجايو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙ
0 تبصرے