حيدرآباد(بيورو) پوليس پاران صحافي عبدالغفور سروهي کي حق ۽ سچ لکڻ تان 4 ڪلاڪ مبينا يرغمال بڻائڻ واري عمل خلاف سڄي سنڌ ۾ قلم ڌڻين، سياسي سماجي اڳواڻن جو شديد ردعمل، پوليس جو قدم غيرقانوني ۽ اظهار رائي جي آزادي تي وار قرار، ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ کي 4 ايس ايچ اوز سميت هٽائي سندن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، تفصيل موجب شهر ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۽ منشيات جي واهپي خلاف خبرون هلائڻ تان ڊيلي دي اسپوڪس مين نيوز پيپر جي بيورو چيف ۽ نيوز پلس چينل جي سي اي او سينيئر صحافي عبدالغفور سروهي کي يرغمال بڻائي هراسان ڪرڻ واري عمل خلاف سڄي سنڌ ۾ صحافين، سياسي سماجي اڳواڻن شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پوليس جي قدم کي غيراخلاقي، غيرقانوني ۽ اظھار رائي جي آزاديءَ تي راتاهو هڻڻ جي ڪوشش قرار ڏنو آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، مٽياري، خيرپور ميرس سميت مختلف شهرن جي قلم ڌڻين سينيئر صحافي عبدالرزاق سروهي، صحافي فقير منٺار مهراڻ، دستگير ڀٽي، عبدالله سروهي، عرفان آرائين، جاني خاضخيلي، مرزا بيگ، غلام حسين لغاري، بشير ڀٽي، فريد لاکو، ملڪ رحمان، ڪامران سهتو، امام ڀلائي، امداد ڦلپوٽو ۽ صحافي قادر مستوئي سميت، تعليمدان جليل قريشي، برڪت نوناري عبدالغفور سروهي سان رابطو ڪري همدردي جو اظهار ڪندي پوليس جي عمل کي صحافت ۽ اظهار رائي جي آزاديءَ تي وار قرار ڏنو. سنڌ عوامي فورم جي صدر حبيب جتوئي، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر حسن لغاري، امرشي ٺڪر ۽ ٻين اڳواڻن پڻ پوليس جي ڪردار جي مذمت ڪندي صحافي عبدالغفور سروهي کي مڪمل ساٿ جي خاطري ڪرائي آهي. سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ ڏاڍ ذريعي سچ جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري غيرقانوني حرڪت ڪئي آهي، پوليس صحافي عبدالغفور سروهي کي بنا جواز 4 ڪلاڪ يرغمال بڻائي قانون جا بکيا اُڊيڙيا آهن، ايس ايس پي حيدرآباد شاهزيب چاچڙ ۽ سندس حڪم تي صحافي کي يرغمال ۽ هراسان ڪندڙ 4 پوليس آفيسرن، ايس ايچ او قاسم آباد مظفر علي خالدي، ايس ايچ او ڀٽائي نگر غلام حسين پيرزادو، ايس ايچ او سائيٽ عبدالوحید شيخ ۽ ايس ايچ او ٽنڊو ڄام سڪندر مصطفي ڪنڀر کي معطل ڪيو وڃي، کين عهدن تي رهڻ جو ڪوبه جواز نه ٿو بچي. صحافين مطالبو ڪيو آهي ته وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير ضياء لنجار، آئي جي جاويد عالم اوڍو ۽ اطلاعات جو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايس ايس پي جي بربريت جو نوٽيس وٺي سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪن، ٻي صورت ۾ سڄي ۾ ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
0 تبصرے