بدين: وهڻائي شريف ۾ امڙ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

بدين: وهڻائي شريف ۾ امڙ کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪندڙ جوابدار کي پوليس هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

بدين (رپورٽر) بدين ويجھو وھڻائي شريف جي ملاح ڳوٺ ۾ آئيس جي موالي ظالم وحشي پٽ پنھنجي جيجل ماء مسمات الھبچائي ملاح کي قتل ڪندڙ جوابدار وسيم ملاح رات دير سان بدين پوليس ھٿان ھاف فرائي ٿي ويو، جيجل ماء الھبچائي ملاح کي ڪھاڙين جا وار ڪري قتل ڪندڙ جوابدار وسيم ملاح کي ٽنگ ۾ گولي لڳل آھي، جڏهن ته انڊس اسپتال جي آنتظاميه موجب ته پنھنجي ئي سڳي ماء جي قاتل جوابدار وسيم ملاح کي بدين پوليس پاران رات جو دير سان انڊس اسپتال ۾ علاج لاء آندو ويو ھو، ٻئي پاسي رابطي ڪرڻ تي سي آئي اي انچارج گل حسن لغاري موجب ته جوابدار کي گرفتار ڪرڻ بعد قتل ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيار ڪھاڙي ھٿ ڪرڻ لاء جوابدار جي نشاندھي تي ٻئي ڀر واري ڳوٺ ۾ وٺي وڃڻ دوران جوابدار قتل ۾ استعمال ٿيندڙڪھاڙي کڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوليس پاران سندس گھيراء ڪرڻ تي قاتل جوابدار پوليس جوانن مٿان ڪھاڙي سان حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،پوليس پاران بچاء ۾ ڪيل فائرنگ دواران قاتل جوابدار کي ٽنگ ۾ گولي لڳي آھي جنھن جو علاج ھلندڙ آهي،