English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪڪڙ: رڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
106 views
|
03rd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ جبيرجي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ يعقوب عرف صوف چانڊيو مارجي ويو، معشوق چانڊيو ۽ رفيق چانڊيو سخت زخمي
ڪڪڙ (رپورٽر) ڪڪڙ ويجهو رڪڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ جبيرجي ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو شدت اختيار ڪري ويو ، جنهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي آهي ، فائرنگ جي نتيجي ۾ يعقوب عرف صوف چانڊيو موقعي تي مارجي ويو ، جڏهن ته معشوق چانڊيو ۽ رفيق چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا ، واقعي بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو جڏهن ته اطلاع تي رڪڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو منتقل ڪري ڇڏيو آھي ذريعن موجب واقعي کان پوءِ ٻنهي ڌرين مورچا سنڀالي ورتا آهن ۽ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ، جڏهن ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري آهي پوليس وڌيڪ نفري طلب ڪري صورتحال تي ضابطو آڻڻ ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته رڪڻ پوليس بچل چانڊيو ، علي احمد چانڊيو ، علي شير ۽ دلشير چانڊيو کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي ، ٻئي طرف چانڊيا برادري جي پراڻي تڪرار سبب هيئر تائين ٻنهي ڌرين جا 5 ماڻهون قتل ٿي ويا آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شہادت ــ دھرتی کی عظمت کی لازوال داستان
24th Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شھادت ــ ڌرتيءَ جي عظمت جو امر داستان
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کو تباہ کر رہے ہیں، جنگ جاری رہے گی: امریکی صدر
23rd Jul 2026
•
تازہ ترین
ایران کے خلاف بڑی کارروائی کا امکان، امریکا نے مشرقِ وسطیٰ میں خصوصی فوجی دستوں کی تعیناتی شروع کر دی
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گجو ويجهو پاڻي ڀرڻ ويندڙ عورت روڊ حادثي ۾ فوت، قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي رڻ واري علائقي ۾ هڪ ٻار برساتي پاڻي ۾ ٻُڏي فوت، ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ اي ڊي سي ون جي صدارت ھيٺ اجلاس
24th Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف پيپلز پارٽي جي ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪڪڙ: رڪڻ ٿاڻي جي حد ۾ چانڊيا برادري
0 تبصرے