English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
157 views
|
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻن امر مگسي، محمد علي ساهڙ ۽ ايڊووڪيٽ رستم ميراني، نوڪريءَ مان برطرف ڪيل نوجوان مزدور مير مرتضيٰ شيخ ۽ سندس والد در محمد شيخ سان گڏ عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ ڀرپور پريس ڪانفرنس ڪئي ان موقعي تي متاثر پورهيت مير مرتضيٰ شيخ ٻڌايو ته هن آگسٽ 2018ع ۾ نيشنل فوڊ پريميئر انڊسٽريز ۾ ملازمت اختيار ڪئي هئي ۽ پنهنجي سموري ملازمت دوران ايمانداري، محنت ۽ نظم و ضبط سان پنهنجون ذميواريون نڀايون. هن الزام هنيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ کيس بنا ڪنهن سبب، مبينا طور تي غلط فهمي يا انتظامي تڪرار جي بنياد تي ڊيوٽي تان روڪي گهر موڪليو ويو جيڪو ساڻس سراسر ناانصافي ۽ مزدور حقن جي ڀڃڪڙي آهي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته مير مرتضيٰ شيخ جي جبري برطرفي واري معاملي جي حل لاءِ ڪيترائي ڀيرا فيڪٽري انتظاميا سان رابطا ڪيا ويا، پر افسوس جو اڃا تائين ڪا به مثبت اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي هنن چيو ته ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌي مزدور تحريڪ مير مرتضيٰ شيخ جي فوري بحالي ۽ کيس انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي اعلان ڪيو ته مزدور جي قانوني حقن جي تحفظ لاءِ ليبر ڪورٽ سميت سمورن لاڳاپيل قانوني فورمن سان رابطو ڪيو ويندو. هنن ٻڌايو ته 25 جون تي پرامن احتجاجي مارچ ۽ مظاهرو ڪيو ويندو، جڏهن ته 29 جون تي متاثر مزدور سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ علامتي بک هڙتال پڻ ڪئي ويندي هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فيڪٽري انتظاميا مير مرتضيٰ شيخ کي فوري طور تي بحال نه ڪيو ته جولاءِ جي پهرين هفتي دوران فيڪٽري جي مرڪزي گيٽ آڏو سوين مزدورن جي شرڪت سان پرامن احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن وڌيڪ چيو ته معاملي بابت سمورا تفصيل، دستاويز ۽ شڪايتون آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز سنڌ، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير، ملير بار ايسوسيئيشن، ايس ايس پي ملير، ايس ايڇ او بن قاسم ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ڏانهن موڪليون ويون آهن، جيئن شفاف، غيرجانبدار ۽ منصفاڻي جاچ کي يقيني بڻائي سگهجي سنڌي مزدور تحريڪ جي اڳواڻن حڪومت، لاڳاپيل ادارن ۽ فيڪٽري انتظاميا کان مطالبو ڪيو ته ، انصاف ۽ ليبر قانونن جي تقاضائن موجب فوري نوٽيس وٺي مير مرتضيٰ شيخ کي سندس نوڪري تي بحال ڪيو وڃي، جيئن هڪ محنت ڪش مزدور ۽ سندس خاندان کي معاشي تڪليفن ۽ بي روزگاري جي بحران کان بچائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
نقوی کے بیان کو نظرانداز کریں، اس وقت حکومت اور ریاستی اداروں میں اتحاد ضروری ہے، نواز شریف کی پارٹی کو ہدایت
03rd Aug 2026
•
سندھ
کراچی میں خواجہ سراؤں کا پولیس پر تشدد کا الزام، تھانے کا گھیراؤ اور پتھراؤ
04th Aug 2026
•
تازہ ترین
عمرڪوٽ ۾ حضرت امام حسينؑ جي چهلم وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، ھزارين عزادارن جي شرڪت
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
پريالوءِ ٿاڻي جي حد ۾ سڱاوتي تڪرار تان نوجوان مارجي ويو
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: ابراهيم حيدري پوليس ھٿان منشيات جي الزام ھيٺ عورت گرفتار
04th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت ماتمي جلوس برآمد ۽ مجلسون برپا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت م
0 تبصرے