English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
197 views
|
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، ملير، حيدرآباد، ٻهارا، ٿرپارڪر، ڪنڌڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون
حيدرآباد(بيورو)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ،ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 10ھين ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ پيادل مارچ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ (ڪيو اي ٽي) پاران اسٽيل موڙ کان پريس ڪلب ملير تائين سجاڳ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن عائشا فرحان لاڙڪ، سرمد اتيرو، پرڪاش ڪمار، مڪيس ڀيل جي اڳواڻي ۾ سوين ٻارن پيادل مارچ ڪيو.قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن فرحان لاڙڪ، منان شيخ، اشفاڇ چنڙ، ڪاشف خاصخيلي، فياض اتيرو، جنسار ھيسباڻي، ھريرام چوھاڻ، لال چند، جان محمد قريشي، ضمير لغاري ۽ ٻين اڳواڻن ئي ڪارڪن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر مرتضيٰ لاشاري، ياسر جاکرو حبيب الله پليجو، غفور سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي سوين ماڻهن سخت گرمي ۾ ساڪرو ڪراچي روڊ کان متحد ۽ مضبوط سنڌ پيادل مارچ ڪيو جيڪو ٻھارا شھر مين بس اسٽاپ پھتو جتي ڌرڻو هنيو. ھوڏانھن حيدرآباد جي علائقي سيري ۾ ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، نظير بليدي، نور حسن جمالي، خير جان چانڊيو، راول سيال، بابو سولنگي، طاھر گھانگھرو، ايڊووڪيٽ رئوف انصاري، ناصر ملاح ۽ ٻين ڪئي. ھوڏانھن ڪنڌڪوٽ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ قومي عوامي تحريڪ اڳواڻن ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي ۽ ٻين بار جي وڪيلن ۾ ھينڊبل ورھايا ۽ اياز لطيف پليجو جو پيغام ڏنو. نصير آباد ۾ اسد سنڌي، حفيظ تونيو، انعام الله ڪانڌڙو ۽ نادر ٻرڙو شھر ۾ پيادل مارچ ڪري واپارين، دڪاندارن ۽ شھرين ۾ ھينڊ بل ورھايا. جڏھن تہ ٿرپارڪر جي ڳوٺ کاريواھ ۾ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي ، جنهن کي ضلعي ٿرپارڪر صدر وجئہ ساگر ۽ ٻين خطاب ڪيو. ھوڏانھن ڳڙھي خيرو ۾ تعلقي صدر جاويد جمالي، نورنبي بروهي، شوڪت ڀٽي، بھار خان، شعبان جمالي ٻين پاران لانگاھ پمپ کان بيگاري پل تائين پيادل مارچ ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ پيپلزپارٽي ذوالفقار آباد جي نالي ۾ نئون اسرائيل ٺاهڻ چاهي ٿي ذوالفقار آباد کي اٺ ڪروڙ سنڌي رد ڪري چڪا آهن پيپلزپارٽي اقتدار جي طاقت جي نشي ۾ ھوش وڃائي ويٺي آهي سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي. اڳواڻن چيو تہ پاڻي زندگي ۽ جياپو آهي. پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي جي ڪري سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ ڪري ساحلي پٽي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وڃن ڪري ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن ساحلي پٽي جا ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن ۽ مال اڃ وگهي مري رهيو آهي. ٺٽو، بدين ۽ سجاول ضلعي جي ساحلي پٽي علائقن جي لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. زير زمين پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي، جنهنڪري ماڻهن ۾ بيماريون پکڙجي رهيون آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن پاکستان کے مرکزی رہنمائوں کی کراچی میں ملاقات
07th Aug 2026
•
سندھ
عالمی معاشی بحرانوں کے باعث مالیاتی اداروں کی ذمہ داریاں مزید بڑھ گئی ہیں:سلیمان جی ابڑو
03rd Aug 2026
•
تازہ ترین
’گلو بٹوں کا ذکر کریں گے تو ہم بھی رحمان ڈاکو اور عزیر بلوچ کی بات کریں گے‘، عظمیٰ بخاری کا شرجیل میمن کو جواب
19th Aug 2026
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل کا تاریخی سنگِ میل، نیشنل ڈیفنس یونیورسٹی میں چارٹرڈ پراجیکٹ ڈائریکٹرز کے پہلے بیچ کی پاسنگ آؤٹ تقریب
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
غلامﷲ ۾ پوليو ورڪرن پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا جي شيخ محلي ۾ نوجوان مبينا آپگھات ڪري ڇڏيو
17th Aug 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ضلعي ۾ موبائل نيٽ ورڪ جي بدترين صورتحال، صارفين پريشان، ڪارروائي جو مطالبو.
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي س
0 تبصرے