English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گلشن حديد جي نجي اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻارڙو فوت، وارثن جو احتجاج
171 views
|
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ موجود تازو ڄاول ٻارڙي جي فوت ٿيڻ بعد وارثن سخت احتجاج ڪندي اسپتال انتظاميا تي مبينا غفلت جا الزام لڳائي ڇڏيا احتجاج دوران صورتحال ڪشيده ٿيڻ تي اسپتال انتظاميا پوليس طلب ڪري ورتي، جڏهن ته اسٽيل ٽائون پوليس واقعي واري هنڌ پهچي صورتحال جو جائزو ورتو فوتي معصوم ٻار جي والد وقار شاهه صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته ٻه ڏينهن اڳ سندس گهرواري جو آپريشن ذريعي پٽ ڄائو هو جنهن کي ڄمڻ بعد ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هن چيو ته کين ٻار سان ملڻ يا سندس حالت بابت مناسب ڄاڻ نه ڏني وئي ۽ نه ئي اسپتال عملي پاران تعاون ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ٻن ڏينهن بعد اوچتو ٻار جي فوت ٿيڻ جي اطلاع ڏني وئي وقار شاهه ۽ ٻين وارثن الزام لڳايو ته اسپتال ۾ وينٽيليٽر ۽ ايمبولينس جهڙيون بنيادي سهولتون موجود نه هيون، جڏهن ته طبي عملي جي مبينا غفلت سبب سندن معصوم ٻار حياتي وڃائي ويٺو. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي اسپتال انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي طرف اسپتال انتظاميا پنهنجي موقف ۾ چيو ته ٻار جي طبيعت ڄمڻ کان ئي انتهائي خراب هئي ۽ وارثن کي مسلسل سندس حالت بابت آگاهه ڪيو ويندو رهيو. انتظاميا موجب ٻار کي بهترين ممڪن طبي سهولتون ۽ علاج فراهم ڪيو ويو، پر سندس زندگي ايتري ئي هئي، جنهن سبب کيس بچائي نه سگهيو ويو اسٽيل ٽائون پوليس موجب اسپتال انتظاميا طرفان اطلاع ڏنو ويو هو ته ڪجهه ماڻهو اسپتال ۾ هنگامه آرائي ڪري رهيا آهن، جنهن تي پوليس پهتي. پوليس جو چوڻ آهي ته صورتحال جو جائزو وٺي وارثن ۽ اسپتال انتظاميا جا موقف ٻڌا پيا وڃن، جڏهن ته قانون موجب وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گلشن حديد جي نجي اسپتال ۾ تازو
0 تبصرے