عبدالله ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري سيد رضوان کي قتل ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاهه لطيف ٽائون جي علائقي عبدالله ڳوٺ ۾ ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربند ڦورن جي فائرنگ ۾ هڪ نوجوان قتل ٿي ويو پوليس موجب شروعاتي طور واقعي کي ٽارگيٽ ڪلنگ قرار ڏنو ويو هو، پر اکين ڏٺن شاهدن جي بيانن کان پوءِ معلوم ٿيو ته واقعو ڦر دوران مزاحمت جو نتيجو هو قتل ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ سيد رضوان ولد نثار عباس جي نالي سان ٿي آهي. اکين ڏٺي شاهد ۽ مقتول جي سئوٽ سلطان موجب رضوان پنهنجي ڀاءُ ۽ سئوٽ سان گڏ موٽر سائيڪل تي ڪم تي وڃي رهيو هو ته عبدالله ڳوٺ پرائمري اسڪول ڀرسان هڪ دڪان تي بيٺا جتي ٻن هٿياربند ڦورن هٿيارن جي زور تي موبائل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي سلطان ٻڌايو ته مزاحمت ۽ رڙيون ڪرڻ تي ڦورن رضوان مٿان فائرنگ ڪري ڏني سندس چوڻ موجب رضوان ڦورن ڏانهن پٿر به اڇلايا هئا جنهن تي جوابدار ڪاوڙجي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. واردات دوران ڦورن رضوان جي ڀاءُ ۽ سئوٽ جا موبائل فون پڻ ڦري ورتا ذريعن موجب مقتول رضوان غير شادي شده هو ۽ شاهه لطيف ٽائون جي علائقي عبدالله ڳوٺ جو رهواسي هو. واقعي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو علائقي جي ڪائونسلر رحيم شاهه واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته ڏوھن جون وارداتون شهرين لاءِ سنگين خطرو بڻجي چڪيون آهن. هن مطالبو ڪيو ته رضوان جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري کين قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي ۽ شاهه لطيف ٽائون سميت ملير جي مختلف علائقن ۾ پوليس گشت وڌائي شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي انگن اکرن موجب هلندڙ سال ڪراچي ۾ ڦورن جي فائرنگ سبب قتل ٿيل ماڻهن جو انگ 39 ٿي ويو آهي.
0 تبصرے