English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وفاق بجيٽ ۾ تڪراري ڪينالن ۽ سنڌ دشمن منصوبن لاءِ فنڊ رکيا تہ اٺ ڪروڙ سنڌي ماڻهو ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندا: اياز لطيف پليجو
256 views
|
11th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ارسا ۽ پنجاب جو ڪردار سنڌ لاءِ اسرائيل جهڙو آهي، جيڪي سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ پنجاب ڏاڍ مڙسي ذريعي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي، جڏهن تہ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت ان معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. سنڌ ۾ پيدا ڪيل هٿرادو پاڻي کوٽ فوري طور ختم ڪئي وڃي ۽ سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ارسا ۽ پنجاب جو ڪردار سنڌ لاءِ اسرائيل جهڙو آهي، جيڪي سنڌ جي پاڻيءَ جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن. سنڌو درياءَ تي ڪنهن بہ قسم جو ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ سنڌ جي هارين ۽ آبادگارن کي معاشي طور تباھ ڪرڻ جون سازشون جاري آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪڏهن وفاقي حڪومت پنهنجي بجيٽ ۾ تڪراري ڪينالن ۽ سنڌ دشمن منصوبن لاءِ فنڊ رکيا تہ اٺ ڪروڙ سنڌي ماڻهو ان خلاف ڀرپور مزاحمت ڪندا. پنجاب سنڌو درياءَ تي قبضي جا منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي اڃ ۽ بک وسيلي مارڻ چاهي ٿو، جڏهن تہ سنڌ دشمن قوتون سنڌو درياءَ جي وجود کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ انڊس رور سسٽم ۾ ضرورت موجب پاڻي موجود نہ آهي، جڏهن تہ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ پاڻي نہ ڇڏڻ سبب سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي لکين ايڪڙ زرعي زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. تمر جا ٻيلا تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن، جيڪو ماحولياتي تباهيءَ جو واضح ثبوت آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ خطري ۾ آهي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين ماڻهن جي حوالي ڪيون پيون وڃن. هن الزام هنيو تہ ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي سنڌ اندر ننڍيون رياستون قائم ڪري سنڌي ماڻهن لاءِ نو گو ايريا ٺاهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ هر دور ۾ سنڌو درياءَ کي بچائڻ لاءِ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے