عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ اوسيپس ٽيوشن سينٽر اندر 12 ورهين جي نينگري س م سان مبينا زيادتي جي الزام هيٺ چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ممتاز ڀٽي کي معطل ڪري ڇڏيو ويو آهي، جڏهن ته معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، پوليس موجب معشوق علي ولد محمد بخش کوسو جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي هڪ مبينا وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي عمرڪوٽ جي هدايتن تي ممتاز ڀٽي کي حراست ۾ ورتو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪَ قانوني ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي پئي وڃي، هوڏانهن ممتاز ڀٽي وائرل وڊيو کي مصنوعي ذهانت (AI) ذريعي تيار ڪيل قرار ڏيندي الزام رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ دعويٰ ڪئي آهي ته کيس بدنام ڪرڻ لاءِ سازش ڪئي پئي وڃي، سندس گهرواري عائشه پڻ معاملي کي ذاتي دشمني سان جوڙي بيان ڏنو آهي، ٻئي طرف صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي شفاف جاچ جي هدايت ڪئي آهي، واضح رهي ته وائرل وڊيو ۽ ان سان لاڳاپيل دعوائن جي سرڪاري سطح تي اڃان تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته حتمي حقيقتون جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ئي سامهون اچي سگهنديون.
0 تبصرے