English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: شهري جو پير سرهندي ڳوٺ ۾ مبينا صنعتي آلودگي، گئس بندش ۽ بيروزگاري خلاف احتجاج
93 views
|
31st May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير يونين ڪميٽي اسٽيل ٽائون جي علائقي پير سرهندي ڳوٺ ۾ قائم هڪ نجي صنعتي ڪمپني خلاف مقامي رهواسين سخت احتجاج ڪيو آهي رهواسين الزام لڳايو آهي ته ڪمپني طرفان ماحول کي سخت نقصان پهچايو پيو وڃي، جنهن سان گڏ مقامي آبادي کي به سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.مقامي ماڻهن موجب ڪمپني جو گندو ۽ ڪيميڪل ملا پاڻي کليل ميدانن ۾ ڇڏيو پيو وڃي، جنهن سبب نه رڳو ماحول آلودہ ٿي رهيو آهي، پر ان پاڻي جي استعمال سان ڪيترائي مال مويشي به مري چڪا آهن. رهواسين جو چوڻ آهي ته آلودگي سبب انساني جاني نقصان جا واقعا به پيش آيا آهن، جنهن سان علائقي ۾ سخت ڳڻتي پکڙيل آهي. علائقي جي نمائندي نويد جوکيو الزام لڳايو ته ڪمپني تي گئس چوري جا الزام سامهون اچڻ بعد لاڳاپيل ادارن جي ڪارروائي سبب پير سرهندي ڳوٺ جي گئس سپلائي بند ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري گذريل چئن مهينن کان سوين گهر گئس جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. رهواسين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ان صورتحال سبب 100 کان وڌيڪ نوجوان بيروزگار ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪيترائي مزدور 20 کان 25 سال ڪمپني ۾ ڪم ڪرڻ باوجود گريجوئيٽي، پينشن ۽ ٻين قانوني حقن کان محروم آهن.مقامي سماجي حلقن ۽ متاثر شهرين مطالبو ڪيو آهي ته ماحوليات کاتو، سوئي سدرن گئس ڪمپني ۽ ليبر ڊپارٽمينٽ فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺن، شفاف تحقيق ڪرائي وڃي ۽ متاثر ماڻهن کي انصاف فراهم ڪندي بنيادي سهولتون بحال ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Jul 2026
•
شوبز
ملی الکاک کی سپر ہیرو فلم مشکلات کا شکار
01st Jul 2026
•
شوبز
ایملی بلنٹ کی نئی فلم نے شاندار آغاز کر دیا
01st Jul 2026
•
شوبز
کائلی جینر کا منفرد لباس ایک بار پھر موضوعِ بحث
01st Jul 2026
•
شوبز
انجلینا جولی نے ذاتی زندگی پر خاموشی توڑ دی
01st Jul 2026
•
شوبز
ملی الکاک کی سپر ہیرو فلم مشکلات کا شکار
01st Jul 2026
•
شوبز
ایملی بلنٹ کی نئی فلم نے شاندار آغاز کر دیا
01st Jul 2026
•
شوبز
کائلی جینر کا منفرد لباس ایک بار پھر موضوعِ بحث
01st Jul 2026
•
شوبز
انجلینا جولی نے ذاتی زندگی پر خاموشی توڑ دی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شهري جو پير سرهندي ڳوٺ ۾ مبينا صنعتي
0 تبصرے