English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
240 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان ميرپورخاص روڊ تي ڳوٺ چوڌري غلام محمد آرائين وٽ پيش آيل افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ عورت ۽ معصوم ٻارڙن سميت فوتين جو انگ وڌي چار ٿي ويو، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي پڻ ٿيا پوليس موجب فوتين ۾ ڪيلاش ولد رميش ڪولهي (عمر 5 مهينا)، شريمتي موجان زال والجي ڪولهي (28 سال)، راجو پٽ لالچند (2 سال) شامل آهن، جڏهن ته لالچند ولد پرتاب ڪولهي ميرپورخاص اسپتال منتقل دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ راهول ولد لالچند (5 سال)، گجران زال رميش، والجي پٽ ڪانجي ڪولهي ۽ ڳوٺ چوڌري غلام محمد آرائين واسي محمد اعظم ولد عنايت آرائين شامل آهن، جن مان ڪجهه زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. اطلاعن موجب متاثر خاندان ڳوٺ مٺو ڍير فقير ڦلهڏيون جا رهواسي هئا ۽ ڊگهڙي ڀرسان مائٽن وٽ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿي ويا. فوتين جي سڃاڻپ والجي ولد کيتو سول اسپتال ميرواھ گورچاڻي پهچي ڪئي. پوليس موجب حادثي ۾ ملوث مسافر اي سي ڪوچ کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي. ضروري قانوني ڪارروائي بعد فوتين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا پيا وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو
0 تبصرے