English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيرسن فوت، سندس زال زخمي
258 views
|
04th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
حادثي ۾ پيرسن محمد الياس بڪڪ فوت ٿي ويو، سندس زال نمولا جي ڄنگهه ڀڄي پئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ناردرن بائی پاس تي پيش آيل افسوسناڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ موٽر سائيڪل سوار بزرگ فوت ٿي ويو جڏهن ته سندس زال سخت زخمي ٿي پئي پوليس ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب گڏاپ جي علائقي موئيدان فيض محمد بڪڪ ڳوٺ جو رهواسي 61 ورهين جو محمد الياس بڪڪ پنهنجي 55 ورهين جي زال نمولا زوجه محمد الياس سان گڏ ڪنڊو ڳوٺ کان واپس اچي رهيو هو ته ناردرن بائي پاس تي تيز رفتار ڊمپر نمبر TAC-721 سندن موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو حادثو ايترو ته شديد هو جو محمد الياس بڪڪ موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو زخمي عورت نمولا کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو اسپتال ذريعن موجب عورت جي هڪ ٽنگ ڀڄي وئي آهي ۽ کيس طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي اکين ڏٺن شاهدن موجب حادثي کان پوءِ ڊمپر ڊرائيور گاڏي موقعي تي ڇڏي فرار ٿي ويو واٽهڙو ماڻهن مرحوم جي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي وارثن کي اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي ڊمپر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته فرار ڊرائيور جي ڳولا جاري آهي ۽ کيس جلد گرفتار ڪيو ويندو علائقي واسين نادرن بائي پاس تي ڳري گاڏين جي تيز رفتاري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اختيارين کان سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن وڌيڪ قيمتي جاني نقصان کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڊمپر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، پيرسن
0 تبصرے