عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي: علي حسن زرداري

صوبائي وزير علي حسن زرداري پي ايس 76 ميرپورساڪرو ۾ ترقياتي ڪمن جو افتتاح ڪيو

عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اولين ترجيح آهي: علي حسن زرداري

ٺٽو( شفيق ڀٽي)صوبائي وزير ورڪس سروسز ۽ جيل علي حسن زرداري پي ايس 76 ميرپور ساڪرو جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جو باقاعده افتتاح ڪيو، جتي سندن اعزاز ۾ شاندار استقباليه پڻ ڏنو ويو۔ صوبائي وزير علي حسن زرداري پنهنجي دوري دوران ڳوٺ صاحب خان لاشاري جي 23ڪلوميٽر اسڪيم جي افتتاحي تقريب جي حاجي علي حسن زرداري افتتاح ڪئي ۽ ان سان گڏو گڏ حميد پنهور ۽ عاشق حُسين زرداري پڻ موجود هئا ان موڪي تي رئيس حاجي احمد خان لاشاري (يوسي وائيس چيئرمين)٬ بولا خان لاشاري ماسٽر نور حسن خاصخيلي٬ عثمان سمون ۽ صدام خاصخيلي منقد ڪئي. جتي مقامي ماڻهن پاران سندن گرمجوشي سان استقبال ڪيو ويو۔ هن موقعي تي صوبائي وزير سان گڏ پيپلز پارٽي جو نوجوان اڳواڻ عاشق حسين زرداري، چيئرمين ضلع ڪائونسل ٺٽو عبدالحميد پنھور ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير علي حسن زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ پاليسين تحت حلقي ۾ ترقياتي ڪم ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيا پيا وڃن۔ هن چيو ته اهي منصوبا عوام جي سهولت لاءِ آهن ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جو احسان نه سمجهيو وڃي، بلڪه هو پاڻ کي عوام جي محبت ۽ عزت جو قرضدار سمجهن ٿا۔ هن وڌيڪ چيو ته ترقياتي ڪم ڪرائڻ سندن ذاتي شوق ۽ ذميواري آهي، ۽ هو چاهين ٿا ته علائقي جي ماڻهن کي بهتر سفري سهولتون مهيا ٿين ته جيئن روزمره زندگي ۾ آساني اچي ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌارو ٿئي۔ صوبائي وزير چيو ته هن خطي جي ترقي لاءِ مختلف ڪارخانا قائم ڪيا پيا وڃن ۽ صنعتن کي هٿي ڏني پئي وڃي ته جيئن مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿين۔