English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻو ڊائريڪٽر عنايت قريشي جي عوامي پريس ڪلب آمد
58 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ھاشم آباد ڪوآپريٽو سوسائٽي هن وقت گورننس جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهي آهي: عنايت قريشي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ھاشم آباد ڪوآپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي مڪلي جي چونڊ عمل تي ڇانيل غير يقيني صورتحال ۽ سوسائٽي کي درپيش بنيادي مسئلن خلاف آواز اٿاريندي، ماضي جي متحرڪ سياسي ورڪر، اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ ريزيڊنس ڪميٽي جي چيف آرگنائيزر عنايت حسين قريشي چيو آهي ته سوسائٽيءَ جي چونڊن جي ملتوي ٿيڻ پٺيان منظم رٿابندي نظر اچي ٿي، جڏھن ته نامينيشن فارم جمع ٿي چڪا ھئا تنھن بعد چونڊن واري عمل ۾ رڪاوٽ وجھڻ ڪنھن بہ طرح درست عمل نه ھو. عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ اڄ مھمان طور شرڪت دوران ھن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوسائٽي هن وقت گورننس جي شديد بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، جتي سيڪيورٽي جي ناقص انتظام سبب چوري ۽ بدامني جا واقعا وڌي رهيا آهن، جڏهن ته ڊگهي لوڊشيڊنگ، پيئڻ جي صاف پاڻي جي کوٽ ۽ ناڪاره ڊرينيج سسٽم ۽ روڊن رستن جي اڻھوند رهواسين لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن. هن وڌيڪ چيو ته بنيادي سهولتن جي فراهمي انتظاميه جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿي. هن الزام هنيو ته ماضي ۾ پلاٽن جي الاٽمينٽ بابت پڻ سنگين بي ضابطگيون ٿيون، جتي مبينہ طور اصل مالڪن جا پلاٽ ڪينسل ڪري، رشوت ۽ اثر رسوخ تحت پنھنجي من پسند ماڻهن کي الاٽ ڪيا ويا. سندس چوڻ موجب، “جيڪڏهن هڪ آزاد ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي وئي ته ڪيترائي اهم انڪشاف سامھون ايندا. عنايت حسين قريشي چيو ته سوسائٽي ۾ 2400 کان وڌيڪ پلاٽن جي ھئڻ باوجود ترقياتي ڪم اڻپورو آهي، جيڪو انتظامي ناڪامي جو وڏو ثبوت آهي. هن چيوته چونڊن ۾ هٿرادو رڪاوٽون وجهي اصل ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور چونڊ شيڊيول جاري ڪري، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون يقيني بڻايون وڃن، ته جيئن نئين قيادت تحت سوسائٽي جا مسئلا حل ٿي سگهن. آخر ۾ هن رهواسين کي پڻ اپيل ڪئي ته هو پنهنجن حقن جي تحفظ لاءِ متحد ٿي هر قانوني ۽ جمهوري فورم تي آواز بلند ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: هائوسنگ سوسائٽي جي اڳوڻو ڊائريڪٽر
0 تبصرے