English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ريتي بجري چوري خلاف پوليس جون ڪارروايون، هڪ جوابدار گرفتار
81 views
|
14th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي مختلف علائقن ۾ غيرقانوني ريتي بجري چوري ڪرڻ خلاف پوليس ڪارروايون ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٻي ڪارروائي دوران مقامي ماڻهن، خاص طور عورتن جي مزاحمت سبب جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.مليل ڄاڻ موجب اسٽيل ٽائون پوليس آچالار سالار ڳوٺ ڀرسان غيرقانوني ريتي بجري چوري خلاف ڪارروائي ڪئي.ڪارروائي دوران جوابدار ڊمپر سميت فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس موقعي تان هڪ شاول پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس موجب ڪارروائي دوران مقامي ماڻهو منظم نموني پوليس خلاف نڪري آيا ۽ وڏي تعداد ۾ عورتن کي اڳيان آڻي پوليس جو گهيراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب ڪارروائي متاثر ٿي. ذريعن موجب اهڙين ڪاررواين دوران ڪجهه عورتون مرچ پائوڊر ساڻ کڻي اچن ٿيون ۽ موقعي ملڻ تي پوليس اهلڪارن تي اڇلائي کين منتشر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون، جنهن سبب قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اثرائتي ڪارروائي ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. پوليس عملدارن موجب آچالار سالار ڳوٺ ۾ اهڙي مزاحمت جو رجحان بار بار سامهون اچي رهيو آهي، جنهن سبب جوابدار گهڻو ڪري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. ٻئي طرف گڏاپ سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي حب ندي ڀرسان حب ملير ڪيڊٽ ڪاليج ويجهو ڪارروائي ڪندي ريت بجري سان ڀريل ڊمپر سميت هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ مظفر شاهه ولد گلاب شاهه طور ٿي آهي، جڏهن ته پوليس ڊمپر نمبر TKQ-188 پڻ پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.پوليس موجب گرفتار جوابدار گڏاپ سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ ٿيندڙ ريتي بجري جي چوري ۾ پڻ ملوث آهي. گرفتار جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ملير ضلعي ۾ غيرقانوني ريتي بجري ڪڍڻ وارن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانوني قدم کنيا ويندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
تازہ ترین
ایران جنگ معاملے پر ٹرمپ کے اختیارات محدود کرنے سے متعلق قرارداد ایک ووٹ سے مسترد
14th May 2026
•
تازہ ترین
”کوئی نشانہ نہیں چُوکے گا“ پاکستان کا جدید نیویگیشن سسٹم سے لیس ”فتح 4“ میزائل کا کامیاب تجربہ
14th May 2026
•
سندھ
لاہور سے کراچی تک منشیات اسمگلنگ، پنکی نے بسوں اور موبائل ایپس کے ذریعے کروڑوں کی لین دین کے راز افشا کر دیے
14th May 2026
•
سندھ
”اسپیکر سے اختلافات اور پارٹی میں دھڑے بندی کا تاثر غلط ہے“ نثار کھوڑو نے جیالوں کو سوشل میڈیا پر بیان بازی سے روک دیا
14th May 2026
•
تازہ ترین
ایران جنگ معاملے پر ٹرمپ کے اختیارات محدود کرنے سے متعلق قرارداد ایک ووٹ سے مسترد
14th May 2026
•
تازہ ترین
”کوئی نشانہ نہیں چُوکے گا“ پاکستان کا جدید نیویگیشن سسٹم سے لیس ”فتح 4“ میزائل کا کامیاب تجربہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ريتي بجري چوري خلاف پوليس
0 تبصرے