English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي يوسي مراد ميمڻ ۾ پاڻي جي نيڪال جو نظام مڪمل طور تي ناڪارا
100 views
|
09th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
علائقي ۾ گندگي سبب مختلف بيماريون پکڙجي رهيون آهن، نوٽيس ورتو وڃي: علائقي واسي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ ٽائون جي يوسي مراد ميمڻ ۾ انتظاميه جي مبينا غفلت سبب پاڻي جي نيڪال جو نظام مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويو آهي، جنهن ڪري پورو علائقو گٽر جي گندي پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي۔ هر طرف بيٺل گندو پاڻي،ڪچري جي ڍيرن سبب بدبو ۽ گندگي علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مڇرن جي واڌ پڻ خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي۔علائقي واسين موجب گندگي ۽ گٽر جي پاڻي سبب مختلف موذي بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، جن ۾ مليريا، ڊينگي، خارش، چمڙي جون بيماريون، ڊائريا، الٽيون ۽ هيپاٽائيٽس اي، بي ۽ سي شامل آهن۔ شهرين جو چوڻ آهي ته غريب ۽ مسڪين ماڻهو سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن، پر انتظاميه طرفان ڪو به نوٽيس نه ورتو پيو وڃي۔ علائقي جي سماجي اڳواڻ يونس اي ڪي جي اڳواڻي ۾ شهرين احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته يوسي مراد ميمڻ جا فنڊ ۽ ترقياتي اسڪيمون مبينا طور هڙپ ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته گڏاپ ٽائون سينيٽيشن ڊپارٽمينٽ ۾ به وڏي پيماني تي ڪرپشن جاري آهي۔ شهرين موجب جعلي ووچرن ذريعي فنڊ ڪڍيا پيا وڃن، جڏهن ته صفائي عملي جي کوٽ سبب پوري علائقي ۾ گٽر اوور فلو ۽ گندگي عام ٿي وئي آهي۔ علائقي واسين وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ يوسي ۾ ڪيترائي سپروائيزر مقرر ڪيا ويا آهن، جيڪي رڳو ڪاغذي رپورٽون تيار ڪن ٿا، جڏهن ته صفائي عملو ميدان ۾ نظر نٿو اچي۔ پاڻي جي نيڪال جو نظام خراب ٿيڻ سبب گهٽيون ۽ رستا تلائن جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري علائقي واسين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔ شهرين وزيراعليٰ سنڌ، چيف سيڪريٽري سنڌ، وزير بلديات، سيڪريٽري بلديات، ڪمشنر ڪراچي ۽ ميئر ڪراچي کان پرزور مطالبو ڪيو آهي ته يوسي مراد ميمڻ ۾ فوري طور گٽر جي گندي پاڻي جي نيڪالي ۽ صفائي جا اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ مبينا ڪرپشن ۽ غفلت ۾ ملوث گڏاپ ٽائون انتظاميه خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن شهرين کي بيمارين ۽ مشڪلاتن کان بچائي سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th May 2026
•
سندھ
لاڑکانہ میں ليڈی ڈاکٹر کے مبینہ غلط علاج کے باعث خاتون کی زندگی خطرے میں
13th May 2026
•
سندھ
مقامی آٹو انڈسٹری لوکلائزیشن کو فروغ دینے اور ملازمتوں کے تحفظ کے لیے پالیسی سپورٹ مانگتی ہے، غضنفر علی خان
13th May 2026
•
پاکستان
فیصل کریم کنڈی سے پنجتن گروپ آف انڈسٹریز ملائیشیا کے چیئرمین چوہدری عثمان نثار گجر اور سی ای او چوہدری عمر نثار کی ملاقات
13th May 2026
•
سندھ
نرسنگ کے عالمی دن کے موقع پرالنمرہ نرسنگ کالج کے بانی و ایم ڈی محمد اسلم خان اور پرنسپل مدثر مصطفی اور دیگر ںے کیک کاٹا
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: پورٽ قاسم فلور مل ڪمپني ۾ ٽانڪي ۾ ٻڏڻ سبب هڪ ڄڻو فوت، 2 بيهوش
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
زرعي انقلاب لاءِ نفع بخش ڀاڻن جو استعمال تمام ضروري آھي: عبدالصمد ابڙو
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
اڳوڻي چيف جسٽس آغا رفيق پاران سوشل اينڊ لٽري فورم جي وفد سان ملاقات
13th May 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غلط علاج سبب ناري جي حياتي کي خطرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ جي يوسي مراد ميمڻ ۾ پاڻ
0 تبصرے