English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ ۾ لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ ھليا ويا آھن: اياز لطيف پليجو
290 views
|
06th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. محنت ڪش طبقو ڏينھون ڏينھن پوئتي وڃي رھيو آھي
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ سنڌ ۾ لکين خاندان غربت جي لڪير کان ھيٺ ھليا ويا آھن. حڪومت جون معاشي پاليسيون عوام دوست ناھن. محنت ڪش طبقو ڏينھون ڏينھن پوئتي وڃي رھيو آھي. تعليم، صحت، روينيو سميت ھر کاتي کي ڦرلٽ جو مرڪز بنايو ويو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڊيزل ۽ پئٽرول جون قيمتون وڌڻ سان ٽرانسپورٽ مھانگي ٿي وئي آھي. سفر مشڪل ٿي ويو آھي. ٽرانسپورٽ ذريعي پھچندڙ ھر شئي مھانگي ۽ خريد کان مٿي ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق ۽ صوبائي حڪومت روزانو عوام سان ڪوڙ ڳالھائي تي. عوام کي گمراھ ڪري ان کي ٽيڪسن جي بار ھيٺ لتاڙيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بجلي ناھي، گئس ناھي، ماڻھو پيئڻ جي صاف پاڻي سميت بنيادي انساني سھولت. ۽ ضرورتن کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان زرعي ملڪ ھجڻ باوجود حڪومتي نااھلي جي ڪري کاڌي پيتي جون شيون ھاري، مزدور ۽ غريب ماڻھن جي پھچ کان مھانگيون ٿي ويون آھن. منافعي خور واپاري مافيا ڪڏھن کنڊ، ڪڏھن ڪڻڪ تہ ڪڏھن ڪنھن شئي جو ھٿرادو بحران ڪري عوام کي لٽين ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ جن ملڪن ۾ جنگ ھلي رھي آھي، اتي جو عوام به ايترو پريشان ناھي جيتري تڪليف سنڌ ۽ پاڪستان ۾ عوام کي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ بيڊ گورننس جي ڪري روزانو نوان نوان بحران جنم وٺن ٿا. حڪمران طبقو سمورن ٽيڪسن کان آجو آھي. وزيرن ۽ ڪامورن لاءِ گاڏيون مفت، پيٽرول مفت، ڊيزل مفت، بجلي مفت، جڳهون مفت، علاج مفت، انھن جي اولاد کي تعليم مفت، ھوائي سفر مفت آھن. ان سان گڏ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن آھي، جنھنڪري جيڪو حڪومت ۽ انتظاميہ جو حصو ٿئي ٿو اھو ٿوري عرصي ۾ ارب پتي ٿيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن کي روڪيو وڃي ته مسئلا حل ٿي ويندا. عوام کي بنيادي سهولتون حاصل ٿي سگھنديون. اياز لطيف پليجي چيو تہ زرعي تباھي جي ڪري بي روزگاري ۽ بدحالي وڌي وئي آھي، جنھن جا ذميوار حڪمران آھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے