يونيورسٽيءَ جا اهي چار سال زندگيءَ جو سڀ کان حسين باب

بشير احمد نوحاڻي نغاول

يونيورسٽيءَ جا اهي چار سال  زندگيءَ جو سڀ کان حسين باب

زندگيءَ ۾ ڪي لمحا اهڙا هوندا آهن، جيڪي وقت سان گڏ پراڻا ته ٿيندا آهن، پر ڪڏهن به وسرندا ناهن. اهي لمحا نه صرف يادگيرين ۾ زنده رهندا آهن، پر دل جي ڌڙڪنن ۾ به پنهنجو وجود برقرار رکندا آهن. منهنجي زندگيءَ جو اهڙو ئي حسين، رنگين ۽ احساسن سان ڀرپور دور يونيورسٽي آف سنڌ جي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ ۾ 2k13 بيچ سان گذاريل اُهي چار سال آهن جيڪي مُنھنجي لاءِ تمام وڏو قيمتي اثاثو آهن . منهنجو رول نمبر ته 108 هو، پر حقيقت ۾ اهو هڪ نمبر نه، پر هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي دوستن جو ھجڻ، ٽهڪن جا ٽاڪوڙا ، جهيڙن جا سفرن ۽ انهن يادگيرين جي ڪهاڻي، جيڪي اڄ به دل کي گرمائي ڇڏين ٿيون. جڏهن مان يونيورسٽيءَ جي دروازي مان پهريون دفعو اندر داخل ٿيس، ته اهو صرف هڪ تعليمي اداري ۾ داخلا نه هئي، پر هڪ نئين دنيا ۾ قدم رکڻ هو. هتي مونکي صرف ڪتابي علم نه مليو، پر زندگيءَ جا سبق مليا. اسان جي ڪلاس ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا هئاسين، ۽ اهو گڏيل ماحول اسان کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ، عزت ڏيڻ ۽ گڏجي اڳتي وڌڻ سيکاريو. ڇوڪرين سان گڏ پڙهڻ اسان جي سوچن کي وسيع ڪيو ۽ هڪ مهذب سماج جو حصو بڻجڻ جي راهه ڏيکاري. دوستن جو اهو قافلو جيڪو هتي مليو، اهو منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي. انهن سڀني مان صدام بلوچ جو ذڪر خاص طور تي ڪرڻو پوندو، جيڪو منهنجي لاءِ دوست کان وڌيڪ هڪ وڏي ڀاءُ جهڙو رهيو. سندس ساٿ، سندس محبت ۽ سندس خلوص، هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو. ان سان گڏ نويد عباسي، محمد بخش ڳورڙ، شفيع هڪڙو، سمي سومرو، سلامت سومرو، تصدق پنهور، سجاد ڄاريڪو، ياسر پيرزادو، صدام بروهي، سجاد سيال، عمير هڪڙو، مراد مغيري، سليم سيال، ارون ڪمار، شهزاد انصاري، عامر ڀٽو، عامر چانڊيو، اشفاق سمو، ڪامران سومرو، رام سنگ ٺاڪر، آصف کوسو، فهد ميمڻ، شبير ڍارو، شهريار ميمڻ، اظهر پنهور، شاهد نوناري، راجيش ڪمار، شفيق سومرو، وڪي جتوئي، وڪي هڪڙو، شاهد کوسو، جميل بلوچ، آزاد گل محمد ٻرڙو، مشتاق ٿهيم، سهيل عمراڻي، جنيد عمراڻي، جنيد سومرو، طاهر مغل، صدام ملڪ، فضل جمالي، امجد پنهور، عارف زنگيجو، ميثم مري، ذوالفقار ٻٻر، نواب خاصخيلي، زاهد هڱورو، نويد هالو، محمود شاهاڻي، آزاد مهيسر، ارشد ڪلهوڙو، رشيد عباسي، بلال ديشي ڪجهه اسان جا سينيئر دوست ته ڪجهه جونيئر دوست ۽ ٻيا ڪيترائي دوست اهي سڀ گڏجي هڪ اهڙو خاندان بڻجي ويا، جيڪو رت جي رشتن کان به وڌيڪ مضبوط لڳندو هو. هاسٽل جي زندگي ته ڄڻ هڪ فلم هئي، جنهن ۾ هر ڏينهن نئون سين هو. رات جو هاسٽل جي ڇت تي ويهي ڪچهريون ڪرڻ، مذاق ڪرڻ، کل ڀوڳ، ۽ ڪڏهن ڪڏهن زندگيءَ جي سنجيده موضوعن تي ڳالهيون ڪرڻ اهي سڀ لمحا اڄ به ذهن ۾ زنده آهن. اسان گڏجي ڪلر ڊي، واٽر ڊي ۽ هولي جا رنگين ڏينهن ملهائيندا هئاسين، جتي هر رنگ ۾ دوستيءَ جي خوشبو شامل هوندي هئي. ڪلچر ڊي تي پنهنجي سنڌي سڃاڻپ کي فخر سان پيش ڪرڻ، اجرڪ، ٽوپي ۽ روايتي لباس سان گڏ هڪ ثقافتي جشن بڻجي ويندو هو. يونيورسٽيءَ جا اهي ڏينهن صرف ڪلاس روم تائين محدود نه هئا پر (سي ايل) سينٽرل لائبرري ۾ ويهي پڙهڻ، ڪتابن سان وقت گذارڻ، ۽ امتحانن جي تياري ڪرڻ اسان جي روزمره جو حصو هو. جڏهن ته (سي سي) سينٽرل ڪنٽين اسان جي خوشين جو مرڪز هئي، جتي چانهن جا ڪٽ ،ڪيڪ ، دوستن جا ٽولا ۽ دوستن جو گڏجي کلڻ هڪ حسين منظر ٺاهيندا هئا. مگسي ڪينٽين جا سموسا، چانهه جا ڪٽ، ۽ گڏ ويهي ڪچهريون ڪرڻ اهي سڀ يادون اڄ به دل کي ڇُهن ٿيون. آئي ٽي ڊپارٽمينٽ جي لان تي ويهي MB جي شاعري جو گيت ٻڌڻ نه وسرڻ جهڙا لمحا اڄ به بيچين ڪندا آھن ، پارڪ، ۽ ڪيمپس جا رستا اهي سڀ اسان جي ڪچهريءَ جا هنڌ هئا. ڪڏهن اسان بائيڪ تي گڏ گهمڻ نڪري پوندا هئاسين، ڪڏهن حيدرآباد جون گهٽيون ماپيندا هئاسين، ته ڪڏهن ڀٽ شاهه جي روحاني فضا ۾ وڃڻ . ٿر جا سفر، حيدرآباد جون راتيون، ۽ خاص ڪري سياري جي راتن ۾ صدام بلوچ سان گڏ بائيڪ تي حيدرآباد وڃي سوپ پيئڻ اهي سڀ لمحا زندگيءَ جا انمول خزانا آهن. قاسم آباد جا سموسا به اسان جي يادگيرين جو حصو آهن. اسان صرف سنڌ ورسٽي تائين محدود نه رهياسين، پر گڏجي گهارو واٽر پارڪ ، ڊريم ورلڊ پارڪ ڪراچي جهڙين جڳهن تي به وياسين، جتي پاڻي سلائيڊون، کل ۽ دوستيءَ جو ميل هڪ نئين خوشي پيدا ڪندو هو. دوستيءَ ۾ جهيڙا به ٿيا، ناراضگيون به ٿيون، پر اهي سڀ يونيورسٽيءَ جو ڏاج هئا. اهي جهيڙا اسان کي وڌيڪ ويجهو آڻيندا هئا، ڇو ته آخر ۾ اسان سڀ گڏ ٿي ويندا هئاسين. ڪجهه موقعن تي ته دوستن جو ساٿ مائٽن کان به وڌيڪ لڳو، جتي هر ڏک ۾ هڪ ٻئي جو سهارو بڻجندا هئاسين. پر هن حسين ڪهاڻيءَ ۾ هڪ ڏکيو باب به آهي اسان جو پيارو دوست مسرور جانوري، جيڪو اڄ اسان ۾ ناهي رهيو. سندس وڇوڙو اسان لاءِ هڪ وڏو صدمو آهي. هو صرف هڪ دوست نه، پر هڪ خوش مزاج، محبت ڀريو انسان هو، جنهن جون يادون هميشه اسان سان گڏ رهنديون. يونيورسٽيءَ اسان کي صرف ڊگريون نه ڏنيون، پر زندگيءَ کي سمجهڻ جو شعور ڏنو. اسان سکيو ته دوستي ڇا آهي، محبت ڇا آهي، ۽ گڏ رهڻ جو مطلب ڇا آهي. اهي چار سال اسان جي زندگيءَ جو اهو باب آهن، جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو. اڄ جڏهن انهن ڏينهن کي ياد ڪريان ٿو، ته دل چوي ٿي ته ڪاش وقت واپس اچي، ۽ اسان وري انهن ئي رستن تي هلون، انهن ئي ڪچهرين ۾ ويهون، ۽ انهن ئي کلن ۾ گم ٿي وڃون. پر وقت واپس نٿو اچي، صرف يادون رهجي وڃن ٿيون ۽ اهي يادون ئي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سرمايو آهن.